پاڪستاني معيشت خطري ۾، برآمد ۾ وڏي لاٿ، مهانگائي جي طوفان جو انديشو

نيويارڪ/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) آمريڪي معاشي نشرياتي اداري بلوم برگ پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال تي هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري  جنگ سبب پاڪستان ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي سگهي ٿو، جنهن سان مهانگائي جي شرح وڌيڪ تيز ٿيندي. رپورٽ موجب، پاڪستان جي معيشت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتري طرف گامزن هئي پر موجوده علائقائي ڪشيدگي ان تي منفي اثر وجهڻ شروع ڪيا آهن. بلوم برگ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ٽن ماهي دوران پاڪستان جي جي ڊي پي جي شرح 3.9 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 1.73 سيڪڙو هئي، پر هن بهتري جي باوجود پاڪستاني معيشت اڃا تائين پرڏيهي امداد تي انحصار ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب، مارچ ۾ مهانگائي وڌي 7.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي مرڪزي بئنڪ شرح سود کي برقرار رکيو آهي. عالمي اداري وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي برآمدات 11 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويون آهن، جڏهن ته زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جي رفتار سست ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب، حڪومت گذريل ٽن هفتن ۾ 139 ارب روپيا خرچ ڪيا آهن ۽ تيل جي واهپي ۾ 10 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت پاران تيل جي بچت لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته توانائي جي قيمتن ۾ غير يقيني لاهي چاڙهي ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.