ڪراچي: ميٽرڪ جي امتحانن بابت اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن دوران قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب،7 اپريل کان 2 مئي تائين امتحاني مرڪزن جي ڀرپاسي قلم 144 لاڳو رهندو، ڪمشنر ڪراچي پابندين جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
امتحاني مرڪزن ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي بندش هوندي، امتحاني مرڪزن کان 200 گز جي اندر هر قسم جي ميڙاڪي تي پابندي هوندي، جڏهن ته امتحاني مرڪزن جي اندر ۽ ٻاهر موبائل فون جي استعمال تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ فوٽو ڪاپي مشين ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائيسز جي استعمال تي به پابندي هوندي، هٿيار کڻي گهمڻ تي مڪمل پابندي هوندي ۽ ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته نائين ۽ ڏهين جماعت جي امتحانن لاءِ ايڊمٽ ڪارڊ بورڊ آفيس جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيا ويا آهن، شاگرد ۽ تعليمي ادارا اتان پنهنجا ڪارڊ ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.