پيٽرول تي رعايت حاصل ڪرڻ جو طريقو سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي عوام لاءِ پيٽرول تي رعايت حاصل ڪرڻ جو طريقو سامهون اچي ويو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز موٽرسائيڪل سوارن لاءِ پيٽرول تي رعايت حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار ٻڌايو آهي.
هن چيو ته پنجاب جي عوام لاءِ وڏي رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي.
مريم نواز موجب، سڀاڻي (4 اپريل) کان موٽرسائيڪل مالڪن کي 20 ليٽر تائين پيٽرول تي 100 رپيا رعايت ملندي.
سندس چوڻ هو ته موٽرسائيڪل مالڪ پيٽرول تي رعايت حاصل ڪرڻ لاءِ 1000 تي رابطو ڪري سگهندا.
ان کانسواءِ موٽرسائيڪل مالڪ ”مريم ڪو بتائين ايپ“ ۽ ”ويب پورٽل“ ذريعي به رابطو ڪري سگهن ٿا.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته هاڻي پنجاب ۾ ڪنهن به موٽرسائيڪل جي رجسٽريشن يا ٽرانسفر تي ڪي به چارجز نه هوندا، پنجاب حڪومت عام ماڻهو تي ٻوجهه گهٽائڻ لاءِ پرعزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.