مون کي قتل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي: اُمِ رباب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل واري معاملي تي قانون جنگ جوٽيندڙ اُمِ رباب چانڊيو دعويٰ ڪئي آهي ته کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ پوليس سهولتڪار بڻيل آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ام رباب چانڊيو لکيو ته ”منهنجي قتل جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن بابت مون تائين ڪنفرم رپورٽ پهچي چڪي آهي.“
هن الزام لڳايو ته کيس قتل ڪرڻ واري منصوبي ۾ سنڌ پوليس به رٿابندي ڪندڙن جي ٻانهن ٻيلي بڻيل آهي.
ياد رهي ته هيءَ دعويٰ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ، 30 مارچ 2026 تي، دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي نامزد جوابدارن سردار احمد خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو سميت سمورن 8 جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته جوابدارن خلاف ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي بنياد تي کين آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.