اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ وچ اوڀر ۾ جنگ جي ڪري ٿي آهي، جنهن ۾ حڪومت جو ڪو به عمل دخل ناهي، ان ڪري اسان کي اندروني طور ڏڦيڙ نه پکيڙڻ گهرجي، جيڪڏهن جنگ وڌيڪ جاري رهي ته ان کان به وڌيڪ خراب حالتن جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن عام ماڻهو کي فائدو پهچي ۽ هو حالتن جو مقابلو ڪري سگهي.
هن چيو ته اگهن ۾ واڌ جو سبب جنگ آهي، سڀني کي خبر آهي ته جنگ ڪنهن ۽ ڪيئن شروع ڪئي، پر ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهن کي ورغلائي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل موجود ناهي، پر موجوده حڪومت ۽ وزيراعظم جي ڏينهن رات جي محنت سان پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن به اهڙو ناهي آيو جو پيٽرول پمپن تي قطارون لڳيون هجن يا پيٽرول نه مليو هجي.
حڪومت کي ڪريڊٽ ڏيڻ بدران ان معاملي تي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هن وقت حڪومت جا هٿ مضبوط ڪرڻ گهرجن ته جيئن هو بين الاقوامي سطح تي جنگ بند ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت اگهه ناهن وڌايا پر گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن غريب تي گهٽ ٻوجهه پوي، اهڙي صورتحال ۾ احتجاج اسرائيل خلاف ٿيڻ گهرجي.
هن عوام کي اپيل ڪئي ته سياسي مقصدن کان مٿانهون ٿي اتحاد سان هن ڏکي گهڙي جو مقابلو ڪن.
هن وڌيڪ چيو ته هي بحران اسان جو پيدا ڪيل ناهي، اسان ان بحران کي حل ڪندڙن مان آهيون ۽ هڪ وقار واري قوم بڻجي ان مان ٻاهر نڪرنداسين.
ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ پيٽرول ناهي، اسان وٽ ته قطارون ناهن لڳيون، احتجاج اسرائيل خلاف ڪرڻ کپي: راڻا ثناءُ الله
You might also like