پي ٽي آءِ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف اپوزيشن پارٽين جو اجلاس سڏائي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس(اي پي سي) بلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا آچر ڏينهن لاهور ۾ ٿيندي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، تيمور سليم ۽ اخونزادا حسين يوسفزئي خيبرپختونخوا هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف اي پي سي سڏائڻ جو اعلان ڪيو.
بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ اسان جو ون پوائنٽ ايجنڊا آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان عام پاڪستاني ۽ غريب آبادگار سخت متاثر ٿئي ٿو.
هن چيو ته حڪومت غير ضروري طور تي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي، دنيا جي 96 ملڪن ۾ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ ٿي، پر ويٽنام کان پوءِ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ ٿي ۽ نائيجيريا کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت انتظاميا ۾ ناڪام رهي ۽ منصوبابندي جي کوٽ هئي، شاهي خرچن سبب پيٽروليم ليوي گهٽ نه ٿي سگهيو، ۽ حڪومت عوام سان ڌوکو ڪيو آهي.
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته ڪي پي ۾ 14 لک ۽ سڄي ملڪ ۾ 25 لک کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون آهن، حڪومت ڪرپشن جو نئون دروازو کولي ڇڏيو آهي، هن عالمي برادري کي پڻ اپيل ڪئي ته هن جنگ کي روڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.