ليجنڊري يونس خان کي پي سي بي ۾ اهم ذميواري ملڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان يونس خان کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۾ اهم ذميواريون ملڻ جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پي سي بي جي رابطي ڪرڻ تي ليجنڊري بيٽر ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪري ڇڏيون آهن.
پي سي بي جي نئين ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ طور به يونس خان جو نالو تجويز ڪيل لسٽ ۾ شامل آهي.
ذريعن موجب، سرفراز احمد ۽ مصباح الحق جيان بورڊ ڪرڪيٽ معاملن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ يونس خان جي خدمتن مان به فائدو وٺڻ جو خواهشمند آهي.
ڪپتان طور 2009ع ۾ پاڪستان کي ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ يونس خان ماضيءَ ۾ قومي ٽيم جو ڪوچ به رهي چڪو آهي.
يونس خان 118 ٽيسٽ ميچن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ رنسن سان گڏ، 265 ون ڊي ۽ 25 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي.
پي سي بي اختيارين ڪجهه ڏينهن اڳ يونس خان سان باظابطا رابطو ڪيو هو، جنهن تي هن پنهنجي دستيابي ظاهر ڪئي هئي.
معاملا طئي ٿيڻ جي صورت ۾ يونس خان جي باظابطا مقرري جو جو اعلان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي منظوري کانپوءِ سامهون ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.