آبناءِ هرمز دنيا لاءِ تيل جو کوهه ثابت ٿيندو، اسان اڻکٽ دولت ڪمائي سگهون ٿا: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا آساني سان آبناءِ هرمز کولي سگهي ٿو.
پنهنجي سوشل ميڊيا سائيٽ ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ”آمريڪا کي رڳو ٿورو وڌيڪ وقت ملي وڃي ته هو آبناءِ هرمز کي آساني سان کولي سگهي ٿو.“
سندس چوڻ آهي ته ”ٿورو وڌيڪ وقت ملي وڃي ته اسان آساني سان آبناءِ هرمز کي کولي سگهون ٿا، تيل حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ اڻکٽ دولت ڪمائي سگهون ٿا، هي دنيا لاءِ هڪ ’گشر‘ (تيل جو کوهه) ثابت ٿيندو. “
واضح رهي ته آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولڻ بابت سان ٽرمپ ڪيئي ڀيرا مختلف موقف اختيار ڪري چڪو آهي.
ان کان اڳ هو اها تجويز به ڏئي چڪو آهي ته اولهه وارن ملڪن کي گهرجي ته هو هن اهم شپنگ روٽ تان تيل جي اچ وڃ يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي عسڪري سگهه جو استعمال ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.