لياري ”مني پاڪستان“ آهي، اسان وٽ ڀارتي فلمون شوق سان ڏٺيون وينديون آهن: نبيل گبول

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ميمبر نبيل گبول، ڀارتي فلم ” ڌرنڌَر ۾ جميل جمالي جو ڪردار ادا ڪندڙ راڪيش بيدي کي فلم جي ڪاميابي کانپوءِ اهم پيغام پهچايو.
ڀارتي پروپيگنڊا فلم ڌُرنڌَر جي ڪاميابي کانپوءِ نبيبل گبول جا ڀارت ۾ به چرچا ٿي رهي آهي، ڇو ته فلم ۾ رحمان بلوچ، چوڌري اسلم سان گڏ سندس ڪردار ” جميل جمالي“ کي تمام گهڻي شهرت ۽ موٽ ملي آهي.
ڀارتي يوٽيوبر ناوِين گري کي انٽرويو ڏيندي نبيل گبول چيو ته لياري کي ”مني پاڪستان“ چيو ويندو آهي، جتي هندو ۽ مسيحي ڪميونٽي سميت هر مذهب ۽ فرقي جا ماڻهو رهن ٿا، پر گهڻي آبادي بلوچ قوم جي آهي.
هن چيو ته اسان سڀ ڀارتي فلمون ڏسندا آهيون، 1974ع ۾ وي سي آر پهريون ڀيرو اسان جي گهر آئي، ۽ ماڻهو ڀارتي فلمون ڏسڻ لاءِ اسان جي گهر ايندا هئا، فلم” شعلي“ سان جي گهر ۾ هڪ مهيني تائين هلي هئي.
ميزبان طرفان ”امن جي آشا“ بابت سوال تي هن چيو ته تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي، گذريل سال جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، پر ڪشمير ۾ ڪجهه ٿئي ٿو سڌو سنئون پاڪستان تي الزام مڙهيو وڃي ٿو، جڏهن ته پاڪستان جنگ نه ٿو چاهي، پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اسان به هڪ ايٽمي طاقت آهيون.
فلم ڌُرنڌَر ۾ پنهنجي ڪردار بابت سوال تي هن چيو ته مون کي اڳي به ماڻهو ڄاڻندا هئا، پر توهان جي ڳالهه سان اتفاق ڪندس ته هاڻي وڌيڪ ڄاڻڻ لڳا آهن، پر منهنجو ڪردار گهڻو ناڪاري ڏيکاريو ويو.
نبيبل گبول راڪيش بيدي لاءِ احترام جو اظهار ڪندي چيو ته هو عمر ۾ مون کان وڏو آهي، پر چئي ٿو ته مان نبيبل گبول کي نٿو ڄاڻان؟ مون پاڪستان جي سمورا سياسي ڪردار ذهن ۾ رکيا ۽ پوءِ انهن جي ايڪٽنگ ڪئي.
هن چيو ته منهنجو سوال آهي ته فلم ۾ ڏيکاريو ويو ته جميل جمالي 2007ع ۾ لياري جو ايم اين اي هو ته ٻڌايو ته ان وقت ته مان ئي قومي اسيمبليءَ جو ميمبرهئس ۽ 2002ع کان لياري جو ايم اين اي رهيو آهيان، تنهنڪري هڪ ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ توهان نٿا چئي سگهو ته مان نبيبل گبول کي نٿو سڃاڻان.
هن چيو ته منهنجو پيغام راڪيش بيدي تائين پهچايو ته مان سدس هڪ سينيئر اداڪار طور ڏاڍي عزت ڪيان ٿو ۽ مان ساڻس محبت ٿو ڪريان، پر حقيقت اها آهي ته مان چاپلوسي ناهيان ڪندو، پر هڪ دبنگ انسان آهيان، تنهنڪري جيڪڏهن توهان دبنگ رول ادا ڪيو ها ته سٺو لڳي ها.
واضح رهي ته فلم ڌرنڌر ٽو باڪس آفيس تي ڪيئي اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙيندي هڪ هزار ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائي ڪري ڪري چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.