ميشا شفيع خلاف ڪيس کٽڻ کانپوءِ علي ظفر جو پهريون بيان سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار علي ظفر، گلوڪارا ميشا شفيع خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ وارو ڪيس کٽڻ کانپوءِ پهرين انسٽاگرام پوسٽ شيئر ڪئي ۽ الله جو شڪر ادا ڪيو.
علي ظفر پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ”مان خدا جو شڪر گذار آهيان ۽ انهن سڀني جو به ٿورائتو آهيان جن زندگيءَ جي ڏکئي مرحلي ۾ منهنجو ۽ سچ جو ساٿ ڏنو.“
هن وڌيڪ چيو ته ” نيٺ انصاف ٿيو، مون کي ڪنهن فتح جو احساس ناهي، رڳو عاجزي ۽ شڪرگذاري آهي، مان ڪنهن جي خلاف ناڪاري جذبا نه ٿو رکان.“
علي ظفر لکيو ته ”منهنجي لاءِ هي باب هاڻي بند ٿي چڪو آهي، دعا آهي ته سڀ وقار ۽ سڪون سان اڳتي وڌون.“
واضح رهي ته لاهور جي عدالت اڱاري ڏينهن علي ظفر جي حق ۾ فيصلو ٻڌائيندي ميشا شفيع کي 50 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.