عوام تي ٻٽو وار: حڪومت پيٽروليم اگهن سان گڏ ليوي ۾ به تاريخي واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام تي ٻٽو وارڪندي حڪومت پيٽرول جي اگهن سان گڏ ليوي ۾ به تاريخي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
حڪومت پيٽرول تي ليوي ۾ 55 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول تي ليوي وڌي 160 رپيا 61 پئسا في ليٽر جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ پيٽروليم ليوي 106 رپيا في ليٽر هئي.
هاءِ آڪٽين تي ليوي 305 رپيا 37 پئسا في ليٽر، گاسليٽ تي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل تي 15 رپيا 84 پئسا ۽ فرنس آئل تي 77 رپيا في ميٽرڪ ٽن ليوي مقرر ڪئي وئي آهي.
هلندڙ مالي سال لاءِ پيٽروليم ليوي جو هدف 1468 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ليوي جي شرح وڌڻ سان نان ٽيڪس آمدني ۾ وڌيڪ واڌاري اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته حڪومت گذريل ڏينهن پيٽرول 137 رپيا 23 پئسا ۽ ڊيزل 184 رپيا 49 پئسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 458 رپيا 40 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 520 رپيا 35 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي،گاسليٽ ۽ جيٽ فيول جي اگهن ۾ به واڌارو ڪيو ويو آهي.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، گاسليٽ 34 رپيا 8 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 467 رپيا 48 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ جيٽ فيول جي قيمت ۾ وڌيڪ 40 رپيا في ليٽر واڌارو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 517 رپيا 17 پئسا في ليٽر جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.