واٽس ايپ ۾ اهڙا ڪيئي فيچرز موجود آهن جيڪي توهان کي پنهنجن پيارن، دوستن يا آفيس جي ساٿين سان جڙيل رهڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
پر ڪيترن ئي گروپ چيٽس، چينلز ۽ ڪميونٽيز جو حصو ٿيڻ کانپوءِ سمورا پيغام غور سان پڙهڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو، جنهن سبب ڪيترا ڀيرا اهم پيغام رهجي ويندا آهن.
هن مسئلي جو حل هاڻي ميٽا طرفان هڪ نئين فيچر جي صورت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، ڪمپني هڪ اهڙي ٽول تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪو ڪيترن ئي ان ريڊ(پڙهڻ کان رهجي ويل) پيغامن جي سمري فراهم ڪندو.
هن فيچر جو مقصد خاص طور اهڙن واهپيدارن جي مدد ڪرڻ آهي جيڪي کوڙ سارن چيٽ گروپن جا ميمبر هوندا آهن ۽ هڙئي ميسيج پڙهي نٿا سگهن.
رپورٽ موجب، هن فيچر جي خاص ڳالهه اها آهي ته رڳو هڪ چيٽ نه پر واهپيدار ڪيترن ئي ان ريڊ پيغامن کي سليڪٽ ڪري انهن جي گڏيل سمري حاصل ڪري سگهندا
ان لاءِ ”پرائيويٽ پروسيسنگ“ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي، جيئن ميٽا يا واٽس ايپ اصل پيغامن يا اي آءِ ذريعي تيار ڪيل سمري تائين سڌيءَ ريت پهچ حاصل نه ڪري سگهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي فيچر اهڙين چيٽس تي ڪم نه ڪندو جتي ايڊوانسڊ چيٽ پرائيويسي آن ڪئي ويندي.
في الحال هن فيچر بابت مڪمل تفصيل سامهون نه آيا آهن، جهڙوڪ اهو واضح ناهي ته سمري ساڳي چيٽ ۾ ڏيکاري ويندي يا الڳ اي آءِ چيٽ کولبي.
هي فيچر هن وقت واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ ڏٺو ويو آهي، تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته اهو عام واهپيدارن لاءِ ڪيستائين جاري ڪيو ويندو.
You might also like