ٽائٽنڪ کان 5 ڀيرا وڏو بحري جهاز ” هيرو آف دي سيز“ آگسٽ 2027 ۾ آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر ميامي مان پنهنجي پهرئين سفر تي روانو ٿيندو.
هن جهاز ۾ رڪارڊ ٽوڙ واٽر پارڪ، 9 سوئمنگ پول، 28 کاڌي جا هنڌ، گهڻ ماڙ فيملي ٽري هائوس ۽ هڪ وڏو ڪنيٽڪ آرٽ مجسمو به شامل آهي.
رائل ڪيربيئن نالي ڪمپني جو هي جهاز پنهنجي پهرئين سفر ۾ هزارين مسافر کڻي ويندو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو سامونڊي جهاز به ساڳي ڪمپني جو ” آئڪن آف دي سيز“ آهي، جيڪو جنوري 2024ع کان ڪم ڪري رهيو آهي.
ڪمپني هن نئين جهاز کي فيملي موڪلن لاءِ انقلابي قرار ڏنو آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته ان جي بُڪنگ 2 اپريل 2026 کان شروع ٿي چڪي آهي.
هن جهاز جو وزن 2 لک 50 هزار 800 ٽن هوندو، جڏهن ته ٽائيٽينڪ جو وزن صرف 46 هزار 328 ٽن هو، جهاز جي ڊيگهه 365 ميٽر ۽ ويڪر 65 ميٽر هوندي، جڏهن ته ان ۾ 20 ڊيڪس شامل هوندا، هڪ ئي وقت ۾ 2350 عملي جا ماڻهو ۽ 7600 مهمان جهاز ۾ سفر ڪري سگهندا.
هي جهاز آئڪن ڪلاس سامونڊي جهازن جو حصو آهي، جن ۾ وڏا ڪروز جهاز شامل آهن ۽ اهي سڀ جديد ۽ شاهاڻي سهولتن سان ليس آهن.
هن جو واٽر پارڪ ٻين سڀني جهازن کان وڏو هوندو ۽ سمنڊ جي سطح کان 154 فٽ اوچائي تي واقع هوندو.
ان جو فيملي ٽري هائوس 3 ڊيڪس تي پکڙيل هوندو، جنهن ۾ 12 ماڻهو رهي سگهن ٿا ۽ ان سان گڏ روف ٽاپ ٽيرس پڻ موجود هوندو.