اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ريلويز کي ڀاڙن ۾ واڌ کان روڪي ڇڏيو .
پاڪستان ريلويز اختيارين موجب، مسافر ۽ مال بردار ٽرينن جا ڀاڙا نه وڌايا ويندا، مسافر ٽرينن جي اڪانومي ۽ اي سي ڪلاسن سان گڏوگڏ فريٽ ٽرينن جي ڀاڙن ۾ به ڪو واڌارو نه ٿيندو.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي 30 جون تائين 6 ارب رپين جو واڌو ٻوجهه حڪومت پاڻ برداشت ڪندي.
ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو ته وزيراعظم ڏکين حالتن ۾ مسافرن جون دليون کٽي ورتيون آهن، هي عوام لاءِ تحفو آهي ۽ ريلوي جو سفر هر ماڻهو جي پهچ ۾ رهندو.