”منهنجي وڊيو کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي“ شاهد آفريدي جو تيل اگهن ۾ واڌ تي ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي ردعمل سامهون اچي ويو.
شاهد آفريدي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ” ڪجهه شرپسند عنصر سندس پراڻي وڊيو شيئر ڪري غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هو پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو دفاع ڪري رهيو آهي.“
اڳوڻي ڪپتان چيو ته حقيقت اها آهي ته اها وڊيو هاڻوڪي واڌ کان اڳ ٺاهي وئي هئي، جيڪا توانائي جي بچت ۽ گهٽ استعمال بابت آگاهي مهم هئي، وڊيو سڌ سماءُ واري وزارت جي درخواست تي ٺاهي وئي هئي.
شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هاڻوڪي واڌ پيڙهيل عوام جي چيلهه ڄٻي ڪري ڇڏيندي جنهن جو دفاع نٿو ڪري سگهجي.
واضح رهي ته حڪومت پيٽرول 137 رپيا 24 پئسا ۽ ڊيزل 184 رپيا 49 پئسا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.