آءِ پي ايل: امپائر جي فيصلي تي ڪاوڙ! اڀيشيڪ شرما ڏچي ۾ پئجي ويو

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) جي فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد جي جارحاڻي مزاج اوپننگ بيٽر اڀيشڪ شرما ميچ دوران ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي سبب ڏچي ۾ پئجي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، سن رائزرز حيدرآباد ۽ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز وچ ۾ ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل ميچ دوران اڀيشڪ شرما کي ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ ۽ ڊي ميرٽ پوائنٽ جو منهن ڏسڻو پيو.
رپورٽن موجب، اڀيشڪ شرما آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ردعمل ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن تي کيس ميچ فيس جو 25 سيڪڙو ڏنڊ ۽ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏني وئي.
هي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن بليسنگ مُزارباني جي بال تي ورون چڪرورتي اڀيشڪ جو ڪيچ پڪڙيو، جنهن تي اڀيشڪ ڪجهه دير ڪريز تي بيهي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ اشارا ڪندي واپس پويلين روانو ٿي ويو.
ڪرڪيٽر جو آئوٽ ٿيڻ آن فيلڊ ريويو کانپوءِ ڪنفرم ٿيو هو، پر هو ان فيصلي تي مطمئن نظر نه آيو.
آءِ پي ايل انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڀيشڪ شرما آرٽيڪل 2.3 تحت ليول 1 ڏوهه جو اعتراف ڪندي يچ ريفري جو فيصلو قبول ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.