هڪ ميچ خراب ٿيڻ سان ڪو رانديگر خراب ناهي ٿي ويندو: حارث رئوف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز لاهور قلندرز جي فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته هڪ ميچ خراب ٿيڻ سان ڪو به رانديگر خراب ناهي ٿي ويندو.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ هوندي آهي، پر اسان پاڻ تي ڀروسو رکون ٿا.
سندس چوڻ هوته جهڙي قسم جا گرائونڊ، پچون ۽ بائونڊريون آهن، انهن حالتن ۾ وڌيڪ رنسون ٿيڻ فطري ڳالهه آهي.
حارث رئوف جو چوڻ هو ته هڪ يا ٻن بالرَن خلاف شايد رنسون نه ٺهن، پر باقي بالرَن خلاف ته رنسون ٿينديون آهن.
هن چيو ته اڄڪلهه جي ڪرڪيٽ ۾ جيتري وڌيڪ ورائٽي سان بالنگ ڪئي ويندي، اوترو بهتر نتيجو ملندو.
هن وڌيڪ چيو ته هو پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد کي هاڪاري انداز ۾ وٺندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.