حڪومتي مجبوريون پنهنجي جاءِ تي، پر غريب ماڻهو آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندي مري ويندو: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق سوال اُٿاريندي چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جي سخت لهر ايندي، حڪومتي مجبورين پنهنجي جاءِ تي پر عام ماڻهو ڪيئن جيئندو؟
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته غريب ماڻهو آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪندي مري ويندو ۽ وچولو طبقو غربت جي لڪير کان هيٺ هلي ويندو.
اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ حو ته ايران تي آمريڪي ۽ صيهوني حملا فوري طور ختم نه ٿيا ته ٽِين دنيا جا ڪروڙين ماڻهو بُک وگهي مري ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.