مريم نواز جو پنجاب ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ فري ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبي جي سمورن شهرن ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ فري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اورنج لائين ٽرين، ميٽرو بس سروس، گرين اليڪٽرڪ بس ۽ اسپيڊو بس جا مسافر هاڻي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ کان آزاد هوندا.
مريم نواز آبادگارن لاءِ به في ايڪڙ هڪ ليٽر ڊيزل تي 100 رپيا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته ڏکين حالتن ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، غيرمعمولي حالتن ۾ شهري ذاتي سواريءَ بدران پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪن.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ دنيا عالمي معاشي بحران جو شڪار آهي، حالتن جي بهتري سان ئي عوام کي معاشي بار کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.