حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به قسم جو حملو برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن 28هين ترميم ذريعي سنڌ کي نقصان پهچايو ويو ته ان جا نتيجا انتهائي خراب نڪرندا. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل 18 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڦرلٽ مچائي رکي آهي، عوام کي گهرجي ته هو روڊ جي هڪ ٽڪري يا نالي ٺهڻ تي وڏيرن، وزيرن ۽ ڪامورن جي واکاڻ ڪرڻ بدران انهن کان اربين رپين جي ڪرپشن جو پڇاڻو ڪن. اياز لطيف پليجي سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جمهوريت صرف نالي جي آهي، اصل ۾ هتي زرداري جو سرداري نظام قائم آهي، جتي سنڌ جي عوام کي غلام سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته سردار جي مرضي آهي ته وڻيس ته مخالفن تي ڪوڙيون ايف آءِ آرز داخل ڪرائي، وڻيس ته ڪينال ڪڍي زمينن تي قبضا ڪري، پر اسان اهڙي انسان دشمن نظام کي رد ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، پوليس رشوت کانسواءِ غريب جي ڳالهه نٿي ٻڌي ۽ بااثر ماڻهو پوليس کي پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. پليجي مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي ۽ غريب توڙي امير لاءِ هڪڙو ئي قانون هجڻ گهرجي. هن پنهنجي ڪارڪنن کي تلقين ڪئي ته ڀلي دير ٿي وئي هجي يا رستي ۾ اڪيلا هجو، پر پنهنجي مقصد لاءِ هلندا رهو، ڇو ته هلندو رهڻ ئي زندگي آهي.