ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قدرتي آفتن تي سياست ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي، غير معمولي برسات يا اوچتو شدت اختيار ڪندڙ موسمي صورتحال ۾ ”پيڪ لوڊ پريشر“ هڪ اڻ ٽر حقيقت آهي، جنهن کان دنيا جو ڪوبه وڏو شهر مڪمل طور تي محفوظ نٿو رهي سگهي.هڪ بيان ۾ سندس چوڻ هو ته پاڻي جي وهڪري ۽ نيڪال جو هڪ قدرتي وقت هوندو آهي ۽ هڪ ئي وقت پاڻي جي مڪمل نڪاسي ڪٿي به ممڪن ناهي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ برسات دوران ڪجهه عنصر صرف تنقيد براءِ تنقيد لاءِ ميدان ۾ اچي ويندا آهن، جيڪو نه صرف غير ضروري آهي پر عوامي خدمت ڪندڙ ادارن جي حوصلي تي به منفي اثر وجهي ٿو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ به شديد برسات دوران وقتي طور پاڻي بيهڻ هڪ معمولي ڳالهه آهي، پر لاڳاپيل ادارا مسلسل ڪم ڪندي صورتحال کي معمول تي آڻيندا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قدرتي آفتن دوران خدمتون سرانجام ڏيندڙ فردن ۽ ادارن جي حوصلي افزائي ٿيڻ گهرجي نه ڪي کين تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي.