اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جعميت علماءَ اسلام( جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ اسلام آباد سندس رهائشگاهه تي پهتو، ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي چونڊن تي غور ڪيو ويو، پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري ياسين به ملاقات شريڪ هو.
ذريعن موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ون ٽو ون ملاقات به ٿي، ان موقعي تي گلگت بلتستان جي ايندڙ چونڊن بابت به اهم صلاح مشورو ڪيو ويو.
پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءَ اسلام وچ ۾ امڪاني چونڊ اتحاد تي به سنجيدگي سان غور ويچار ڪيو ويو.
ملاقات دوران ٻنهي جماعتن جي گڏيل ڪميٽي ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، گڏيل ڪميٽي امڪاني اتحاد جي وڌيڪ تفصيلن کي حتمي شڪل ڏيندي.
You might also like