آبناءِ هرمز ايران جي دشمنن لاءِ بند رهندي: پاسدارانِ انقلاب

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آبناءِ هرمز قوم جي دشمنن لاءِ بند رهندي.
ايراني سرڪاري ٽي وي تي جاري ڪيل بيان ۾ پاسدارانِ انقلاب چيو ته آبناءِ هرمز تي ان جي سامونڊي دستن جو مضبوط ۽ مڪمل ڪنٽرول آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل دعويٰ ڪئي هئي ته ” ايران جنگ بندي جي درخواست ڪئي آهي.“
ٽرمپ لکيو هو ته ”اسان ان تي تڏهن غور ڪنداسين جڏهن آبناءِ هرمز کليل هوندي ۽ ڪا به رنڊڪ نه هوندي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.