اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سولر سسٽم لڳائيندڙن لاءِ بلنگ جي طريقيڪار ۾ وڏي ترميم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي نيٽ ميٽرنگ ذريعي ملندڙ رليف خطري ۾ پئجي ويو آهي.
نئين حڪومتي فيصلي موجب، بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين هاڻي واڌو پيدا ٿيندڙ بجلي کي ”صفر“ يونٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ”ايڪسپورٽ ايم ڊي آءِ چيڪ“ لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب ته منظور ٿيل لائسنس کان وڌيڪ پينلز لڳائڻ وارن کي هاڻي واڌو بجلي تي ڪو به فائدو نه ملندو.
حڪومت فيصلي موجب، واڌو بجلي سسٽم ۾ ته ويندي پر ان جي عيوض واهپيدار کي ڪو به رليف نه ڏنو ويندو.
حڪومت ايڪسپورٽ ايم ڊي آءِ ريڊنگ جي بنياد تي واڌو جنريشن تي رليف بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته منظور ٿيل لائسنس کان وڌيڪ پينلز لڳائڻ جي صورت ۾ ايڪسپورٽ يونٽن تي به رليف ختم ڪيو ويو آهي.
You might also like