ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا ايندڙ سيزن لاءِ رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوَن معاهدن ۾ رانديگرن جو انگ گهٽايو ويو آهي.
ڪرڪٽ آسٽريليا هن ڀيري 23 بدران 21 رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽس ڏنا آهن.
آسٽريلوي ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن سان ايم او يو موجب پهريان 20 کان 24 ڪرڪيٽر ڪانٽريڪٽ جي اهل هوندا.
سينٽرل ڪانٽريڪٽ ماڻيندڙ ڪينگرو ڪرڪيٽرن ۾ ايڊم زمپا، مارنس لبوشين، ڪئمرون گرين، پيٽ ڪمنز، اسٽيو سمٿ، نيٿن ليون، مچل اسٽارڪ ۽ جوش هيزل ووڊ سميت ٻيا شامل آهن.
سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي نئين فهرست ۾ آل رائونڊر گلين ميڪسويل، جي رچرڊسن، ميٿيو شارٽ ۽ سيم ڪونسٽاس جهڙا ڪجهه وڏا نالا شامل نه ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم ايندڙ 12 مهينن دوران 15 ٽيسٽ ميچز کيڏندي.
You might also like