افغان طالبان دهشتگردن کي پنهنجي سرزمين تان پاڪستان تي حملن جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، آسٽريلوي رسالي جو انڪشاف

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي رسالي ”دي ڪنورسيشن“ موجب افغان طالبان رجيم دهشتگردن کي افغان سرزمين تان پاڪستان تي حملن جي ڇوٽ ڏني آهي.
دي ڪنورسيشن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته طالبان رجيم جي دهشتگرد گروهن جي پٺڀرائي نه رڳو افغانستان پر خطي لاءِ به سيڪيورٽي چئلينج بڻجي چڪي آهي، افغان طالبان رجيم ۽ ٽي ٽي پي جو خطرناڪ ڳٺ جوڙ دنيا لاءِ به خطرو آهي.
رپورٽ موجب، طالبان رجيم افغانستان تي قبضي کان پوءِ شرپسند هٿياربند گروهن کي سرڪاري فورسز جو حصو بڻايو، جڏهن ته ڀارت پنهنجي جاگرافيائي ۽ علائقائي مفادن لاءِ طالبان جي حمايت ڪري رهيو آهي.
آسٽريلوي رسالي موجب، طالبان رجيم دهشتگردن کي افغانستان ۾ محفوظ پناهه ٿاڪ فراهم ڪري رهيو آهي ۽ کين پاڪستان تي حملن جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.