دادو (ويب ڊيسڪ) اُمِ رباب جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي فيصلي کانپوءِ سيشن جج خلاف سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي واريون پوسٽون رکڻ جو نوٽيس وٺندي پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، سوشل ميڊيا تي غيرمهذب پوسٽون رکڻ تي 12 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن مان پنجن ڄڻن کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
دادو جي عدالت ۾ ميهڙ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاهد حسين ميتلي خلاف غلط ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪرڻ تي دادو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ پوسٽن ۽ وڊيوز ۾ سيشن جج دادو خلاف بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، جيڪي عدالتي عمل تي اثر انداز ٿيڻ ۽ عوام ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيا.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خيرپور جو رهواسي شاڪر مسرور مهيسر مبينا طور سوشل ميڊيا ذريعي جج خلاف ناڪاري مهم هلائڻ ۾ ملوث آهي، جنهن کي دادو پوليس ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪري ورتو آهي.
جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سندس خلاف قانوني قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.