دادو ۾ انصاف جو جنازو ،ڪرپٽ وڏيراشاهي جو مڪروهه چهرو وائکو ٿيو:سعد رفيق

لاهور/ڪراچي(بيورو)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق  چيو آهي ته دادو ۾ هڪ هاءِ پروفائيل ٽيڻي قتل جي اٺن سالن پراڻي ڪيس ۾ ملوث پ پ جي ٻن  اسيمبلي ميمبرن سميت  8 جوابدارن کي بري ڪري انصاف جو جنازو نڪتو آهي،ماڊل لکڻ سان عدالتن کي ماڊل بڻائڻو پوندو،ايڪس(ٽوئيٽر) تي بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي هڪ مظلوم ڌيءُ ام رباب چانڊيو پنهنجي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي طاقتور قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ اٺ سال اڪيلي جدوجهد ڪئي،پر سياسي اثر، طاقت ۽ دولت کٽي ويا، ۽ مظلوم ڌڪا کائيندا رهيا،هن چيو ته حقيقت ۾ ام رباب چانڊيو نه هاري آهي، پر عدالت هارائي وئي آهي۔ هي فيصلو پاڪستان جي ناڪام، جانبدار ۽ انصاف کان خالي نظامِ عدل تي هڪ وڌيڪ بدنما داغ آهي،هن چيو ته هن شرمناڪ فيصلي سياسي سرپرستي هيٺ وڌندڙ ڪرپٽ وڏيرا شاهي جي مڪروه چهري تان نقاب لاهي ڇڏيو آهي۔ام رباب جي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جا قاتل ربِ ذوالجلال جي عذاب کان هرگز نه بچندا،هن چيو ته پاڪستانين جو سڀ کان وڏو مسئلو هڪ اهڙو ڪرپٽ ۽ جانبدار نظامِ عدل آهي، جيڪو ڪمزور کي چيڀاٽي ڇڏيندو آهي ۽ هميشه طاقتور ڌر جو ساٿ ڏيندو آهي۔جيڪڏهن آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ قومي سطح تي لڳاتار جدوجهد نه ڪئي وئي، ته ذلت جا طوق پاڪستانين جي ڳچيءَ جو هار بڻيل رهندا،

سنڌ ۾ انصاف ملڻ ڏکيو آهي، اڄ اهو ثابت ٿي ويو: ام رباب

دادو/ميهڙ (عوامي آواز رپورٽ) ميهڙ واقعي جي فريادڻ امِ رباب چانڊيو دادو جي سينيئر سيشن جج مٿان سخت سوال اٿاريندي چيو آهي ته عدالتن جو احترام ڪرڻ جي باوجود کيس انصاف فراهم نه ڪيو ويو. پنهنجي ويڊيو بيان ۾ هن چيو ته قلم 144 رڳو سندن تحريڪ کي روڪڻ لاءِ لاڳو ڪيو ويو هو، جڏهن ته سردارن جا هٿياربند ماڻهو پرائيويٽ سيڪيورٽي سان گڏ چيڪ پوسٽون پار ڪري عدالت پهتا ۽ فيصلي کانپوءِ شهر ۾ هٿيارن جي کلي عام نمائش ڪئي وئي. امِ رباب وڌيڪ چيو ته رياستي مشينري قاتلن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن سان اهو پيغام ڏنو ويو ته جيڪو به وڏيرن خلاف آواز اٿاريندو ان سان ائين ئي ٿيندو، خون رائيگان ويندو. هن چيو ته سيشن جج صاحب کي سوشل ميڊيا تي لکيل ڳالهين تي ته اعتراض آهي پر قانون جا بخيا اڊيڙيا ويا، ان تي ڪو نوٽيس نه ورتو ويو. هن عزم ظاهر ڪيو ته سندس حوصلا بلند آهن ۽ هوءَ انصاف جي حاصلات تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

عدالتي فيصلي ۾ ڪجهه ڪمزور نڪتا آهن،سردارن خلاف عام ماڻهو ڪيئن گواهي ڏيندو؟ نياز کوسو

ڪراچي(ارمان ساگر) اڳوڻي ايس ايس پي نياز کوسو چيو آهي ته ام رباب جي ٽن گهر ڀاتين جو قتل جو بنيادي ڪارڻ  “تمندار ڪائونسل” جو قيام هو، جتي مقتول مختيار احمد چانڊيو پنهنجي هڪ الڳ ڪائونسل ٺاهي، جنهن کي سردارن (نواب خاندان) جي خلاف بغاوت سمجهيو ويو۔ الزام آهي ته برهان خان واقعي واري هنڌ موجود هو ۽ هن پنهنجن ماڻهن کي ڀڙڪايو ته انهن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي، جنهن کان پوءِ فائرنگ ٿي هن چيو ته جتي واقعو ٿيو، اتي دڪان موجود هئا، پر دڪاندارن جي گواهي نه اچڻ يا ڪمزور هجڻ هڪ اهم سوال آهي سنڌ جي سماج ۾ سرداري نظام سبب عام ماڻهو طاقتور ماڻهن خلاف گواهي ڏيڻ کان ڊڄن ٿا،هن چيو ته جيڪڏهن ڪو دڪاندار يا عام ماڻهو گواهي ڏئي ٿو ته ان تي دٻاءُ يا خطرو ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري اهڙيون گواهيون آساني سان نٿيون ملن،عدالت ڪجهه گواهن تي سوال اٿاريا ته ڇو اهي پيش نه ٿيا يا انهن جي گواهي ڇو نه آئي۔ نياز کوسو موجب، عدالت گواهن کان اميد رکي ٿي ته اهي وڌيڪ واضح ۽ مضبوط ثبوت ڏين، پر سماجي حالتن ۾ اهو هميشه ممڪن ناهي،هن چيو ته  عدالت پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ميڊيڪل ثبوتن تي به سوال ڪيا، هڪ نقطو اهو هو ته هڪ مقتول کي گولي لڳي پر ايگزٽ (ٻاهر نڪرڻ) جو نشان نه هو۔ نياز کوسو وضاحت ڪئي ته هر حالت ۾ گولي جو ايگزٽ ٿيڻ ضروري ناهي، ڇو ته اهو هٿيار، فاصلي ۽ جسم جي حالتن تي دارومدار رکي ٿو۔ عدالت جو اهو استدلال ته ايگزٽ نه هئڻ سبب شڪ پيدا ٿئي ٿو، قانوني طور مڪمل طور صحيح نه سمجهيو وڃي ٿو،هن چيو ته ڪيس ۾ سي ڊي آر کي اهميت ڏني وئي آهي، جنهن مان ڪجهه جوابدارن جي موجودگي يا رابطا ثابت ٿيا۔ هڪ جوابدار غلام قادر بابت عدالت چيو ته واقعي وقت هو ٻن ڪالن ۾ مصروف هو، جنهن جي بنياد تي سندس فائرنگ ۾ شموليت تي سوال پيدا ٿيا۔ نياز کوسو موجب، انهن ڪالن جا مڪمل تفصيل واضح نه ڪيا ويا، جيڪا هڪ ڪمزوري آهي،هن چيو ته پوليس جاچ ۾ اهم مرحلن تي سوال اٿن ٿا هٿيار  برآمد نه ٿي سگهيا هٿيارن جي فارنزڪ تصديق مڪمل نه ٿي لوڪيشن ڊيٽا ۽ سي ڊي آر جي مڪمل تجزئي کي عدالت ۾ تفصيل سان پيش نه ڪيو ويو،هن چيو ته هن ڪيس ۾ سرداري نظام وڏو عنصر آهي، جتي عام ماڻهو طاقتور ماڻهن خلاف گواهي ڏيڻ کان هٻڪندا آهن۔اهڙي نظام ۾ انصاف حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿو،جڏهن ته ام رباب چانڊيو جي جدوجهد کي نياز کوسو ساراهيو،هن چيو ته سنڌ جي سماج ۾ عورتن جو اڳتي اچڻ پاڻ ۾ هڪ وڏي تبديلي آهي۔ ام رباب جي مسلسل جدوجهد، عدالتن تائين وڃڻ، ۽ احتجاج ڪرڻ هن ڪيس کي عوامي سطح تي آندو،فيصلي ۾ ڪجهه ڪمزور نڪتا موجود آهن۔ ڪجهه ثبوتن کي مڪمل طور تي نه پرکيو ويو يا نظرانداز ڪيو ويو آهي۔

حڪمرانن کي خبر آهي ته ام رباب جي ٽن ڀاتين جا قاتل ڪير آهن: زين شاهه

دادو/ڀان سيدآباد/جوهي(نمائندا) ايس يو پي صدر سيد زين شاهه ڀان سيدآباد پھچي ايس يو پي ڪارڪن ياسين چنا سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ـ ان موقعي تي ايس يو پي صدر سيد زين شاهه صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته  ام رباب ڪيس بابت مون کي ڄاڻ ناهي، وڪيل بهتر ٻڌائي سگهن ٿا، مجموعي طور عدالتي نظام جون پاڙون ڪمزور آهن ـ ملڪ ۾ ڪجهه مهينن کان 144 قلم لاڳو آهي، جيڪو فقط مخالف پارٽين لاءِ آهي، حڪمران جماعتن ۽ انهن جي بي ٽيمن لاءِ اجازت مليل آهي، هن چيو ته اسين سنڌ ۾ ڪٿي به جلسي جي اجازت گھرندا آھيون ته اسان لاءِ 144 لاڳو ٿيل آھي ڪمپني سرڪار پ پ جي سپورٽ ختم ڪري ته سنڌ ۾ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن آهي هن چيو ته سنڌ جي ڀوتارن،سردارن،ڪامورن کي گرفتار ڪيو وڃي،ڪرپشن جو خاتمو اچي ويندو، ان موقعي تي روشن علي ٻرڙو ،دريا خان لغاري ،اصغر سولنگي، اصغر شاھاڻي، ڪامريڊ صفر ڀنڊ، شبير ٻرڙو ۽ ٻيا ڳڏ ھيا،هوڏانهن سيد زين شاھ چيوآهي ته ملڪ اندر هٿ سان حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، جوهي ۾ عوامي ڪچهري کي خطاب ڪندي هن چيو ته خراب حڪمراني سبب خوشحال سنڌ کي غلام بڻايو ويو آھي پ پ ۾ ھاڻ جهموريت نالي ڪابه شئي نظر نٿي اچي،پ پ وڏيرن سرمائيدارن عوام دشمن سردارن جي پارٽي آھي پ پ پ سنڌ جي قدرتي وسيلن تيل گئس جبل وڪڻي ڪرسي حاصل ڪئي آھي جيڪا تاريخ ۾ سنڌي قوم سان غداري لکي ويندي هن چيو ته  منڇر ڍنڍ کي زهريلو بڻايو ويو آھي ، گاج ڊيم ۾ اربين رپيا هڙپ ڪيا ويا آھن ايم اين اي وڏي ڪرپشن ڪئي آھي ، گورک تي ڪم ٿئي ها ته عوام کي روزگار ملي ها ، ذلتن غلامي مان نڪرنداسين ته پوءِ سنڌ جي حقن تي ڌاڙا نه لڳندا قومي ڪچهري کي روشن ٻرڙو , درياخان لغاري،جماعت اسلامي جي ضلع امير محمد موسي ٻٻر، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ياسر ٻٻر ، جسقم بشير خان قريشي جي قربان کوکر ، پي ٽي آءِ جي حيدر سيال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.دادو ۾ ايس يو پي پاران سنڌ حڪومت جي ڪرپشن، مهانگائي، بدامني، انساني حقن جي لتاڙ ۽ ٻين اهم معاملن تي دادو ۾ عوامي مهم جو آغاز ڪيو ويو ، سيد زين شاھ خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ اندر رڳو ڪرپشن آهي جتي وڃ عوام سان ظلم ئي ظلم لڳو پيو آھي، بدامني سنڌ جي امن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي عوام سورن ۾ آهي پر حڪمران جماعت کي ڪابه پرواھ نه آهي،  سنڌ جو عوام سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب تڪليفن کي منهن ڏئي پيو، هتي پيڪا جهڙا قانون آڻي سڀني کي خوف زده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي،  شاگرد تنظيمن کي ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي هتي سدائين قلم 144 لڳل آهي پر حڪمران جماعت ۽ ان جي اتحادين کي آزاد ڇڏيو ويو آهي، هن چيو ته  ام رباب جي ڪيس بابت وڌيڪ وڪيل ۽ تحقيقات ڪندڙ ڄاڻين ٿا سري عام 3 ڄڻا قتل ٿيا آهن ڪنهن ته قتل ڪيا هوندا، اهي ناهن ته ٻيا هوندا ٻيا نه ته هي هوندا، عدالتي فيصلي تي تبصرو ڪرڻ صحيح نه آهي، حڪمرانن کي خبر آهي ام رباب چانڊيو جي گهرڀاتين کي ڪنهن قتل ڪيو آهي، اسان مطالبو ڪيون ٿا ته حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦاهيون ڏنيون وڃن، ان موقعي تي روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر برڪت جتوئي، دريا خان لغاري، اصغر سولنگي، ڪامريڊ نياز حسين پنهور، علي عمراڻي، بابر ٿھيم، اشرف لغاري، اعجاز شيخ، سجاد پنهور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي بابر علي راھوجو، خان محمد پنھور، غلام محي الدين قريشي، صدام حسين لنڊ، ارشاد علي پنهور ۽ ٻين شهرين ايس يو پي ۾ شموليت اختيار ڪئي.

جاگيرداري نظام ناقابل تسخير بڻيل آهي: وزيراعظم جي گهرواري 

لاهور(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم شهبازشريف جي گهرواري تهمينه دراني چيو آهي ته منهنجي دل ام رباب لاءِ روئي ٿي،اسان ڪجهه سال اڳ مليا هئاسين،ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي گهرواري هوندي به مان سنڌ ۾ هن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، جاگيرداري نظام ناقابل تسخير بڻجي چڪو آهي،هڪ جڪڙيل ووٽ بئنڪ سياسي پارٽين جي خدمت ڪري رهيو آهي،هن لکيو ته ام رباب جي اميد رڳو آصفه ڀٽو زرداري آهي پر هن تائين به پهچ ناهي،ڇو؟

سنڌ لاءِ سردار ۽ جاگيردار تباهي آهن،وڏيراشاهي خلاف نوجوان جدوجهد ڪن:اياز پليجو

سانگهڙ(ڊ ر) قومي عوامي جي سربراھ اياز لطيف پليجو سانگھڙ ۾ الائيٽ ناليج اڪيڊمي جي افتتاحي تقريب ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته  وڏيرا، سردار، جاگيردار سنڌ دشمن، غدار ۽ سنڌ لاءِ تباھي آهن، ھنن جي خواهش ھوندي آھي ته سنڌي ماڻھو ڀلي جاھل ھجن.سنڌ جا نوجوان سرداري، قبيلائي نظام ۽ وڏيرا شاهي کان نجات ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪن،هن چيو ته  26 ۽ 27هين ترميم پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام کي تمام گهڻومايوس ڪيو آهي، 26 ۽ 27هين ترميم ذريعي عدليا، اسيمبلين ۽ صوبن کي ڪمزور ڪيو ويو. سنڌ پهرين ئي تباھ لڳي پئي آھي، 28ھين ترميم ذريعي سنڌ جا رھيل اختيار به ختم ڪيا ويندا. حڪمرانن رڳو سنڌ واسين کي پنڻ سيکاريو آھي، سنڌ واسي حڪمرانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ بدران کانئن حقن ۽ وسيلن بابت پڇا ڪن،هن چيو ته  ايران حملا آور ناهي، ايران مٿان حملو ڪيو ويو آهي. پاڪستان کي پاڙيسري ملڪ ھئڻ ناتي ايران جي مدد ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته  سنڌ ۾ سرڪار جي رٽ نظر نٿي اچي. سنڌ جي عوام کي ڏوھارين، ڀوتارن، لٺ سردارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. سنڌ پوليس عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ بدران ڏوھارين جي سرپرستي ڪري رھي آھي. وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا، اھي پاڻ کي بادشاھ سمجھڻ ڇڏي ڏين.هن چيو ته . سنڌ جي هر ضلعي کي جديد اسپتال ۽ وڏي يونيورسٽي جي ضرورت آهي نوجوان تعليم تي ڌيان ڏين. ميرٽ سان مقابلو ڪن. اعلي تعليم ۽ روزگار لاءِ ٻين ملڪن ڏانھن وڃن. هن چيو ته نوجوان اسڪالرشپس حاصل ڪن. نوڪرين لاءِ  ڪرپٽ وزيرن ۽ وڏيرن جي بنگلن جا چڪر ھڻڻ بدران ھنرمند ٿين. پنھنجو روزگار قائم ڪن.

دادو جي جج ڪوڙي پروپيگنڊا جو نوٽيس ورتو

دادو(عوامي آواز نيوز)ام رباب ڪيس ۾ سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪرڻ جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاهد حسين ميتلو نوٽيس وٺي ڇڏيو،ڊائريڪٽر اين سي سي آءِ کي خط لکيو ويو،اي سيڪشن پوليس کي به ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،ليٽر ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران چيو ويو آهي ته اهو ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ هليو جنهن جي سربراهي مون نه ڪئي هئي پر ان جي باوجود ڪجهه عنصرن پاران مون خلاف سوشل ميڊيا تي بي بنياد مهم هلائي پئي وڃي جنهن سبب منهنجي ۽ عدالتي آفيسرن جي ساک کي نقصان پهتو آهي،پوليس کي چيو ويو آهي ته فيس بڪ تي مهم هلائيندڙ گمبٽ واسي خالد حسين کهڙو،جوهي واسي شاڪر مسرور مهيسر،سجاد علي لغاري، واهي پانڌي جي عابد لاشاري،دادو جي ثاقب رحمان،نعمان پنهور،ڪامريڊ فرحان کوسو،ديشي دريا خان جتوئي،ڄامشورو واسي علي اڪبر شورو،مورو جي رهواسي حسنين رضا ڀٽي خلاف رياست جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.

سزا سٺي ۽ بريت خراب جو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي:ضياءَ لنجار

ڪراچي(رپورٽر)پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار دادو ڪيس بابت هن چيو ته عدالت فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اهو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي ته سزا سٺي ۽ بريت خراب آهي، ڇو ته ٻنهي ڌرين کي منصفاڻي ٽرائل جو موقعو ڏنو ويو،پريس ڪانفرنس دوران صحافي جي سوال تي هن چيو ته سيشن جج دادو جي حڪم تي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي هئي ڇو ته ان کان اڳ ۾ به ٻڌڻين دوران تلخين جا واقعا ٿي چڪا هئا،جوابدار ڌر پاران هوائي فائرنگ جون وڊيوز وائرل آهن،جوابدارن خلاف يقينين ايف آءِ آر ٿيندي،هن چيو ته رهي ڳالهه ميرٽ جي ته اهو 8 سال پراڻو واقعو آهي،8 سالن تائين شڪايت ڪندڙ(ام رباب) ڪنهن ٻئي جوابدار کي شامل ئي ناهي ڪيو،حالانڪه قانون ۾ شق آهي ته ڪنهن به موقعي تي ٻئي ڪنهن جوابدار کي به شامل ڪري سگهجي ٿو،شڪايت ڪندڙ ايتري عرصي ۾ رڳو انهن 8 مجرمن جا نالا ئي ورتا آهن جيڪي ڪالهه عدالت مان باعزت بري ٿي ويا،چالان کانپوءِ جج صاحبان ۽ پراسيڪيوشن ان چالان کان ٻاهر نٿا وڃي سگهن،جج ثبوت گهرندا آهن،هن چيو ته ام رباب ته ايس ايڇ او کي ئي ان ڪيس ۾ شامل ڪري ڇڏيو،حڪومت ان ڪيس ۾ ڪا ڌر ناهي،اهو به ٿي سگهيو پيو ته سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي سزا به ملي سگهي پئي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.