اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ جي امتحانن جي حوالي سان اهم فيصلو ڪيوويو آهي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پي ايم ڊي سي ايندڙ سال کان ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن واري پاليسي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وفاقي وزير موجب، نئين پاليسي تحت ايف ايس سي جي نتيجن جي رڳو 6 ڏينهن کانپوءِ ايم ڊي ڪيٽ جون داخلائون ٽيسٽ شروع ڪيو وينديون.
هن چيو ته ان فيصلي تي عملدرآمد ايندڙ انٽرميڊيٽ جي نتيجن سان گڏ ئي شروع ڪيو ويندو.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته اڳ ۾ ايف ايس سي جي نتيجن جي 4 کان 6 مهينن کانپوءِ امتحان ورتو ويندو هو، جنهن جو فائدو اڪيڊمي مافيا کڻندي هئي ۽ ٻارن کان لکين رپيا فيس اوڳاڙي ويندي هئي.
هن چيو ته امير ماڻهن جا ٻار ته مهانگيون اڪيڊميون جوائن ڪري وٺندا هئا، پر وچولي طبقي جا ٻار تياريءَ کان محروم رهجي ويندا هئا. ان فيصلي سان شاگردن جا ڪروڙين رپيا بچندا.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته دوائون تيار ڪرڻ لاءِ گهربل ڪچو ما جو اسٽاڪ موجود آهي، جڏهن ته نرسنگ ڪائونسل وارو معاملو به حل ٿي چڪو آهي ۽ ڪائونسل مڪمل طور فعال آهي.