ايل پي جي اگهن ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ايل پي جي اگهه ۾ في ڪلو 78 رپيا 28 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 304 رپيا 12 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
قيمتن ۾ تازي واڌ سبب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 923 رپيا 71 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.
اوگرا موجب، ايل پي جي جي 11.8 ڪلوگرام گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت هاڻي 3588 رپيا 59 پئسا هوندي.
ايل پي جي جا نوان اگهه پهرين اپريل 2026 کان سڄي ملڪ ۾ لاڳو هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.