اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشن مانيٽري فنڊ ( آءِ ايم ايف ) پيٽروليم شين ۽ سولر سسٽم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽروليم شين ۽ سولر سسٽم وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو خدشو آهي، آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال 2026-27 جي وفاقي بجيٽ ۾ 1600 ارب رپين کان وڌيڪ واڌ سان ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 15 هزار 600 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز ڏني آهي.
ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف حڪومت کان ڪيترائي مطالبا ڪيا آهن، جنهن تحت ايندڙ مالي سال ٽيڪس هدف ۾ 1600 ارب رپين کان وڌيڪ اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پيٽرول سميت ٻارڻ تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هن وقت پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي جي شرح ٻڙي آهي، اهڙي طرح آءِ ايم ايف سولر واهپيدارن تي به 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ نون گهرن تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف ننڍن ڪاروبارن ۽ واپارين تي اثاثن جي بنياد تي ٽيڪس لڳائڻ ۽ نئين بجيٽ ۾ ٽيڪس هدف 15 هزار 600 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته هلندڙ سال 14 هزار 131 ارب جو هدف گهٽائي 13 هزار 979 ارب رکيو ويو هو، هدف ۾ 152 ارب گهٽتائي باوجود 8 مهينن ۾ 428 ارب رپين جو شارٽ فال ٿيو.
ايف بي آر اختيارين موجب، مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ٽيڪس اوڳاڙي ۾ گهٽتائي 600 ارب رپين کان وڌڻ جو خدشو آهي ۽ هلندڙ مهيني (مارچ) ۾ هينئر تائين 865 ارب رپين کان وڌيڪ اوڳاڙي ٿي آهي، جڏهن ته هدف 1367 ارب آهي، جنگ سبب درآمدات متاثر ٿيڻ ۽ مهانگي تيل سبب ڪاروباري سرگرمين ۾ گهٽتائي کي سبب قرار ڏنو ويو آهي.
ايف بي آر سپر ٽيڪس ۽ سرچارج جي اوڳاڙي ذريعي خسارو پورو ڪرڻ لاءِ پراميد آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته نئين بجيٽ کان اڳ آءِ ايم ايف سان وڌيڪ ڳالهين ٿينديون.
آءِ ايم ايف جا سخت شرط: ننڍن ڪاروبارن ۽ نون گهرن تي به ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو مطالبو
You might also like