تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب جي سڌ سماءَ واري شعبي چيو آهي ته ايران جي هٿياربند فوجن آپريشن ”وعده صادق 4“ جي 88هين لهر ۾ آمريڪي ۽ صهيوني هدفن خلاف گڏيل ۽ گهڻ رخي ڪارروائيون ڪيون آهن ۽ انهن کي لبنان ۾ حزب الله جي شهيدن جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملن ذريعي دشمن جي فوجي طاقت کي وڌيڪ هيڻو ڪيو ويو آهي ۽ مسلم امت خلاف اڳرائي ڪندڙ قوتن لاءِ ميدان سوڙهو ڪيو ويو آهي.
پاسداران انقلاب موجب، عماد، خرم شهر 4 ۽ قدر سميت ڳرا ميزائل سسٽم استعمال ڪندي والاريل علائقن جي وچ، ڏکڻ ۽ اتر سميت اهم هنڌن کي نشانو بڻايو ويو.
پاسدارانِ انقلاب جي هدفن ۾ بني براڪ، تل ابيب، بئر السبع، الجليل، نقب، تل نوف ايئر بيس ۽ عراد وارا علائقا شامل آهن.
بيان ۾ چيو ويو ته پاسداران انقلاب جي سامونڊي ۽ هوائي فوج الظفرا، وڪٽوريا ۽ علي السالم بيسز تي موجود آمريڪي فوجي ٿاڪن ۽ ڊرون ڪنٽرول مرڪزن کي به نشانو بڻايو.
پاسداران انقلاب موجب، ايران پنهنجي حڪمت عملي ۾ تبديلي آڻي جديد ميزائل سسٽم استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ مزاحمتي محاذ ذريعي جنگ جو دائرو وڌايو پيو وڃي.
بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ايران جو مقصد صهيوني رياست ۽ خطي ۾ آمريڪي فوجي طاقت کي ڊگهي مدي لاءِ ڪمزور ڪرڻ آهي.