دوحا (ويب ڊيسڪ) قطري پرڏيهي کاتي جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته قطر جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو، اسان دعاگو آهيون ته اهي ڪوششون خطي لاءِ امن آڻين.
هڪ بيان ماجد الانصاري چيو ته آبناءِ هرمز تي ڪنهن هڪ ملڪ جي اجارداري ناهي، ان ۾ خطي جا سڀئي ملڪ ڀائيوار آهن ۽ ان معاملي کي علائقائي سطح تي حل ڪرڻ گهرجي.
ترجمان چيو ته ٻين ملڪن سان دفاعي ڀائيوارن اسان جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪا سان دفاعي حڪمت عملي واري ڀائيواري قطر جي وسيلن کي تحفظ فراهم ڪيو.
ماجد الانصاري وڌيڪ چيو ته ڳالهين جي ميز تي جيترو جلد ويهجي اهو خطي لاءِ بهتر هوندو، قطر جنگبندي لاءِ ٿيندڙ سڀني ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.
You might also like