سياسي ۽ تڪراري پوسٽن رعايت نه ٿيندي، پي سي بي رانديگرن کي خبردار ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي تي خبردار ڪري ڇڏيو آهي،
ذريعن موجب، ڪرڪيٽر هاڻي ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي اجازت کانسواءِ سوشل ميڊيا پوسٽ نه ڪندا ۽ کين ضابطن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽرن جي مئنيجرز کي به گائيڊ لائينز بابت آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ پي سي بي واضح ڪيو آهي ته سياسي پوسٽ قطعي برداشت نه ڪئي ويندي.
ذريعن موجب تڪراري پوسٽ تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ رپين جو ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.