پاڪستان ۾ سون اگهه ۾ مسلسل واڌ، اڄ به هزارين رپيا چڙهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ 2 هزار رپين کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ سون جو في تولو 2800 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 78 هزار 762 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون 2 هزار 401 واڌ کانپوءِ 4 لک 41 هزار 461 رپين جو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾في اونس سون 28 ڊالر اضافي سان 4560 ڊالر ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.