لاهور (ويب ڊيسڪ) گلوڪار ساحر علي بگا پاڪستان ۾ ڀارتي موسيقي تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت اسان تي پابندي لڳائي ٿو ته پاڪستان ۾ به ڀارتي گيتن تي پابندي هئڻ گهرجي ۽ پنهنجي موسيقي صنعت کي اهميت ڏيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته شروعات ڀارت ڪئي آهي، تنهنڪري عوام ۽ حڪومت کي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
You might also like