آءِ پي ايل ۾ ڪم ڪندڙ برطانوي براڊڪسٽ انجينيئر جو ممبئي جي هوٽل مان لاش هٿ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ( آءِ پي ايل) 2026 ۾ ڪم ڪندڙ 76 ورهين جو برطانوي براڊڪاسٽ انجنيئر ممبئي جي هڪ هوٽل ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويو،
پوليس موجب، جان وليم لينگفورڊ اڱاري ڏينهن پنهنجي هوٽل جي ڪمري ۾ بيهوشي واري حالت ۾ مليو، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، هو بي سي سي آءِ سان ڪم ڪري رهيو هو ۽ آئي پي ايل ميچن جي ڪوريج لاءِ ممبئي ۾ موجود هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، هو 24 مارچ کان ممبئي جي ٽرائيڊنٽ هوٽل ۾ ترسيل هو ۽ آچر تي ميچ ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي ڪمري ۾ واپس آيو هو.
هوٽل انتظاميا کيس فون ڪيو پر ڪو جواب نه مليو، عملي دروازو کڙڪايو پر ردعمل نه ملڻ تي ماسٽر ڪي ذريعي دروازو کوليو ويو، جتي هو فرش تي پيل مليو.
ممبئي پوليس موجب، پوسٽ مارٽم ۾ ڪا شڪي ڳالهه سامهون نه آئي، پر غير فطري موت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.