”زندگي ۾ هڪ ڀوائتو تجربو ٿيو، جنهن کانپوءِ صدمي ۾ هلي وئي هيس“ لارا دتا ڇرڪائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا لارا دتا ماضي ۾ فلم جي شوٽنگ دوران ٻڏي وڃڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
لارا دتا 2003 ۾ اڪشي ڪمار سان گڏ فلم “انداز” سان ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هڪ انٽرويو دوران پنهنجي ڊيبيو فلم جو تجربو بيان ڪيو.
اداڪارا ٻڌايو ته کيس ترڻ نه ايندو هو، جڏهن پاڻي ۾ وئي ته ذري گهٽ ٻڏي وئي، هوءَ پاڻي ۾ پٿر وانگر وڃي رهي هئي.
لارا جو چوڻ هو ته کيس اڪشي ڪمار بچايو ۽ پاڻي مان ٻاهر ڪڍيو.
اداڪارا ان واقعي کي پنهنجي زندگي جو ڀوائتو تجربو قرار ڏنو ۽ چيو ته هوءَ ان کانپوءِ صدمي ۾ هلي وئي هئي.
لارا دتا موجب، ان وقت فلم جي شوٽنگ روڪي وئي ۽ کيس فوري طور اسپتال نيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.