سنڌ حڪومت عوامي خدمت جي مشن تي ڪاربند آھي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت عوامي خدمت جي مشن تي ڪاربند آھي، سمورا وسيلا ڪتب آڻي صوبي جي ترقي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، صوبي جي عوام کي بھتر سھولتن جي فراھمي ۽ جٽادار ترقي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ جامع ۽ مربوط قدم کنيا ويا آھن، سنڌ حڪومت جو ويزن ھڪ اھڙي سنڌ آھي جتي ھر شھري کي بنيادي سھولتون، روزگار ۽ زندگي جو معياري سھولتون ميسر اچن۔ ڪي يو جي جي وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڳالھائيندي هن چيو ته بنيادي ڍانچي جي بھتري لاءِ روڊن تي تعمير ۽ مرمت، شھري رٿابندي ۽ ترقياتي اسڪيمن تي تيزي سان ڪم جاري آھي، سرڪاري اسپتال جي اپ گريڊيشن، جديد طبي سھولتن جي فراھمي ۽ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي ڪم جي استعداد ۾ واڌ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، عوام کي بھتر ۽ بروقت علاج جي سھولتن جي فراھمي سنڌ حڪومت پھرين اوليتن ۾ شامل آھي۔ سندس چوڻ ھو تھ اسڪولن جي بحالي، استادن جي ڀرتي ۽ تعليمي معيار کي بھتر بڻائڻ جي لاءِ سڌارا متعارف ڪرائڻ سان گڏ جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال کي بھ ھٿي ڏني پئي وڃي، مھانگائي جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول ميڪنزم کي اثرائتو بڻايو ويو آھي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.