ميهڙ قتل ڪيس، عدالتي فيصلو ۽ ڪجهه سوال

تحرير: مشتاق ٽانوري

هيءَ رڳو هڪ فيصلي جي خبر ناهي، پر اها هڪ ڊگهي، ڏکوئيندڙ ۽ سوالن سان ڀريل ڪهاڻي آهي، هڪ اهڙي ڪهاڻي جنهن ۾ اٺ سالن کان وڌيڪ عرصي تائين انصاف جي اوسيئڙي ۾ بيٺل اکيون اڄ به ساڳي سوال سان ڀريل آهن ” آخر قاتل ڪير آهي؟ “ سمورا تجزيا، سموريون اميدون ۽ بي شمار بحث هڪ پل ۾ بي معنيٰ ٿي ويا، جڏهن دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل ڪيس ۾ شامل سمورن جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيندي باعزت بري ڪري ڇڏيو۔ ايڊيشنل سيشن جج حسن علي ڪلوڙ پنهنجي فيصلي ۾ واضح لکيو ته فوجداري قانون جو بنيادي اصول آهي ته جيستائين ڏوهه پڪي ۽ مضبوط ثبوتن سان ثابت نه ٿئي، تيستائين ڪنهن به ماڻهو کي ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگهجي۔ عدالت مطابق، استغاثه طرفان پيش ڪيل دليل ”شڪ کان مٿانهان“ ثابت نه ٿي سگهيا ۽ اهڙي حالت ۾ قانون جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو۔ پر عدالت جي فيصلي کان ٻاهر، هڪ ٻي دنيا به آهي، جتي قانوني دليلن بدران احساس، درد ۽ سوال زندهه آهن۔

عدالتي فيصلو

هي ام رباب ڪيس جي فيصلي جو مختصر سنڌي ترجمو آهي:

ايڊيشنل سيشن جج ايم سي ٽي سي ون ، دادو جي عدالت ۾

پيش: جناب حسن علي ڪلوڙ

سيشن ڪيس نمبر 310 آف 2020

رياست بمقابله سڪندر چانڊيو ۽ ٻيا (جوابدار)

استغاثه موجب، 17 جنوري 2018ع تي صبح لڳ ڀڳ 9: 00 وڳي، مختيار احمد (تمندار)، سندس والد ڪرم الله خان چانڊيو (چيئرمين يونين ڪائونسل)، ۽ ڀاءُ قابل حسين چانڊيو پنهنجي اوطاق جي سامهون بيٺل هئا، ته ان وقت ٻن گاڏين ۾ سوار هٿياربند ماڻهن مٿن فائرنگ ڪئي۔ هن حملي ۾ ڪرم الله خان ۽ مختيار احمد موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته قابل حسين زخمن جي شدت سبب کانپوءِ ۾ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔ نواب سردار چانڊيو ۽ بُرهان چانڊيو تي قتل جي سازش ۽ هُشي ڏيڻ جو الزام هو۔ الزام موجب مقتول”تمندار ڪائونسل“ ٺاهي سردارن خلاف بغاوت ڪري رهيا هئا، جنهن سبب انهن کي نشانو بڻايو ويو۔ ٻيا ملزم سڪندر علي، علي گوهر، ذوالفقار، غلام مرتضيٰ ، انهن تي سڌي طرح فائرنگ ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جو الزام هو۔ عدالت نوٽ ڪيو ته واقعو صبح 9 وڳي ٿيو، پر ايف آءِ آر 16 ڪلاڪن جي دير سان داخل ڪئي وئي۔ عدالت موجب هن دير جي ڪا مناسب وضاحت نه ڏني وئي، جنهن سان صلاح مشوري ۽ ڪهاڻي ٺاهڻ جو شڪ پيدا ٿئي ٿو۔ عدالت قرار ڏنو ته شاهد پرويز احمد، اعجاز علي، منظور علي مقتولن جا ويجها مائٽ هئا ۽ انهن جي بيانن ۾ ڪيترائي تضاد هئا۔ شاهدن بيان ڏنو ته ڪرم الله خان ملزم غلام قادر (جيڪو جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو) کي پڪڙي رکيو هو، پر طبي رپورٽ ۾ زخمن جي نوعيت انهن بيانن سان نه ملي۔ واقعي جي جاءِ گهڻي آبادي واري هئي، جتي ڪيترائي دڪان موجود هئا، پر استغاثه ڪنهن به آزاد شاهد (جهڙوڪ دڪاندار وغيره) کي پيش نه ڪيو۔ عدالت هيٺين بنيادن تي ملزمن کي بري ڪيو:

* استغاثه ملزمن خلاف الزام ”بنا ڪنهن شڪ شبهي جي“ ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو۔

* شاهدن جي بيانن ۽ طبي شاهدي ۾ واضح تضاد موجود هو۔

* مقتولن جي وارثن ۽ ملزمن وچ ۾ پراڻي دشمني ۽ سياسي رقابت هئي، جنهن سبب غلط طور ڦاسائڻ جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي۔

عدالت سڀني ملزمن سڪندر علي، علي گوهر، سردار احمد خان، برهان خان، عبدالستار، ذوالفقار، غلام مرتضيٰ، ۽ عبدالڪريم کي شڪ جو فائدو ڏئي بري ڪري ڇڏيو۔ جيڪي ملزم حراست ۾ هئا، انهن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو۔

رت سان رنگيل اهو ڏينهن

17 جنوري 2018 ميهڙ جو اهو ڏينهن، جيڪو اڄ به ماڻهن جي ذهنن ۾ تازو آهي۔ ڊي ايس پي آفيس ۽ ٿاڻن کان رڳو سو ميٽر پري، ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪرم الله چانڊيو، مختيار چانڊيو ۽ قابل حسين چانڊيوکي قتل ڪيو۔ اهو واقعو رڳو هڪ جرم نه، پر رياستي نظام تي هڪ وڏو سوال هو۔

اٺ سال… انصاف جي انتظار ۾

هي ڪيس رڳو عدالتن ۾ نه، پر شهرن کان شهرن تائين ڀٽڪندو رهيو۔ نوشهرو فيروز، دادو، سکر، ميرپور ماٿيلو، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين پهتو۔ 450 کان وڌيڪ حاضرين، بي شمار تاريخن، ۽ هر تاريخ سان گڏ هڪ نئين اميد… جيڪا آخرڪار اڄ اچي ختم ٿي وئي۔ ام رباب چانڊيو، هڪ نياڻي، جيڪا پنهنجي خاندان جي رت سان انصاف جي جنگ وڙهندي رهي۔ هن عدالتن ۾ ويندي اگھاڙي پير هلندي احتجاج ڪيو، سجدا ڪيا، رت جا ڏيئا ٻاري پنهنجي درد کي دنيا آڏو رکيو۔ لالٽين ٻاري پريس ڪلب پهتي، ڪربلا ۾ پنهنجو ڪفن ورتو۔ هُن جو هر احتجاج رڳو هڪ آواز هو ته ”کيس انصاف ڏيو۔ “

جاچ يا ناڪامي؟

هن ڪيس ۾ پوليس جي جاچ شروعات کان ئي تڪرارن جو شڪار رهي۔ جاچ ڪميٽيون ٺهيون، نالا ڪڍيا ويا، وري شامل ڪيا ويا، گرفتاريون ٿيون، سرچ آپريشن ٿيا، پر نتيجو؟ اٺ سالن کان پوءِ به رياست اهو ثابت نه ڪري سگهي ته قاتل ڪير آهن۔ جڏهن عدالت سڀني جوابدارن کي بري ڪيو، ته اهو سوال وڌيڪ زور سان اڀري ٿو جيڪڏهن اهي سڀ بيگناهه آهن… ته پوءِ قاتل ڪير آهي؟

هڪ ڪڙو سچ

قانون پنهنجي دائري ۾ صحيح ٿي سگهي ٿو، ڇو ته عدالت ثبوتن تي هلندي آهي، جذبن تي نه۔ پر سماج لاءِ اهو فيصلو هڪ ڪڙو سچ ڇڏي ويو آهي۔ هڪ اهڙو واقعو، جيڪو سڀني جي سامهون ٿيو، جنهن ۾ ٽي ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو قتل ٿيا پر اڄ تائين ڪنهن به قاتل جو تعين نه ٿي سگهيو۔ اهو منظر ڪنهن ڪهاڻي جهڙو لڳي ٿو، جتي لڳي ٿو ڄڻ مقتول پاڻ ئي هڪ ٻئي کي ماري ويا هجن۽ قاتل ڪو به ناهي۔

هي فيصلو رڳو هڪ ڪيس جو انجام ناهي، پر اسان جي جاچ نظام، انصاف جي رفتار ۽ سماجي ذميواريءَ تي هڪ وڏو سوال آهي ۽ اهو سوال اڄ به زندهه آهي ”جيڪڏهن جوابدار بيگناهه آهن… ته پوءِ انصاف ڪير ڏيندو؟ “

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.