لفظن جُون اڳياڙيُون ڳنڍڻ سان ٺھندڙَ ڪي نوان ٻولَ

تحرير: ياسر قاضي

گذريل هفتي واري ڪالم ۾ اسان لفظن جِي جوڙجڪ جي لحاظ کان ڪن لفظن ۾ ڪي پڇاڙيُون (Suffixes) ڳنڍي ڪجهه لفظ ٺاهيا هياسي. اڄوڪي ڪالم ۾ اسان سنڌيءَ جي ڪجهه لفظن ۾ ڪي اڳياڙيُون (Prefixes) ڳنڍي، ڪي لفظ ٺاهينداسين ۽ اهو سمجهنداسين ته ضرورت آهر اهڙا لفظَ جوڙي سگهجن ٿا.

شروع ڪريون ٿا سنسڪرت جي ٻولَ ’اُپ‘ سان، جنھنجي معنيٰ آهي ’پُوري کان ڪجهه گهٽ‘ يا ’ذري گهٽ‘. وسيع معنيٰ ۾ ان لفظ کي ڪنھن وڏي شئي يا وَٿَ جي ضمني ڀاڱي يا حصي (Sub) جي معنيٰ ۾ به استعمال ڪبو آهي. جيئن ٻولين جي لھجن کي ’اُپ ٻولي‘ (وڏي ٻوليءَ جو ننڍو حصو يا Sub Languge) چيو ويندو آهي. ان طرح سان ’اُپٻيٽ‘ جي معنيٰ نڪرندي ’ذري گهٽ ٻيٽُ‘ (جيڪو مڪمل ريت ٻيٽ نه چورائي سگهي / جنھن کي چئني پاسي پاڻي نه هجي) ۽ ’اُپسمنُڊ‘ جي معنيٰ ٿيندي: ’لڳ ڀڳ سمنڊ‘، يا ’وڏي سمنڊ جو ڪو ڀاڱو‘ (جنھن کي ٽن طرفن کان زمين هجي). هاڻي ’اُپ‘ لفظَ جِي معنيٰ ۽ استعمال سمجهڻ کانپوءِ اچو ته ان ٻولَ مان ڪي نوان لفظَ جوڙيون. اهو لفظ جو اطلاق سمورين جاگرافيائي حدن تي ٿي سگهي ٿو. جيئن وڏي پاڙي يا محلي جي ڪنھن ننڍي ڀاڱي کي ’اُپ پاڙو‘ يا ’اُپ محلو‘، ڪنھن شھر جي بعد ۾ آباد ٿيل ڪنھن وسنديءَ يا شھر اندر موجود شھر جيڏي علائقي کي ’اُپ شھر‘، تعلقي جي ڪنھن الڳ ڀاڱي (جنھن جي حيثيت به تعلقي جھڙي يا جيتري هجي) کي ’اُپ تعلقو‘ ۽ ضلعي جي ڪنھن خاص ڀاڱي (جنھن جي حيثيت به ضلعي جيتري ئي هجي) کي ’اُپ ضلعو‘ به چئي سگهجي ٿو. ان طرح سان ’اُپ صوبي‘ يا ’اُپ رياست‘ جو ٻول به استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪنھن وڏي مُلڪَ جي ڪنھن حصي لاءِ ’اُپ ديس‘ يا ’اُپ ديش‘ جا اصطلاح به استعمال ڪري سگهجن ٿا. ’اُپ کنڊَ‘ جو اصطلاح ته اسان وٽ هونءَ ئي مروّج آهي، جنھن جي معنيٰ آهي: ’ننڍو کنڊُ‘ / برِصغير. ان طرح سان نظامِ شمسي جي 8 گرھن کانسواءِ ڪي ’اُپ گرھَه‘ به آهن، جن جُون سڀ خاصيتون باقي گرهن (پِلينيٽس) جھڙيون آهن، پر انھن ۾ ڪنھن هڪ خاصيت جي گهٽ هجڻ سبب کين ’پُورو گرھه‘ ڪوٺي نٿو سگهجي. ساڳئيءَ ريت ڪنھن دفتر جي ذيلي دفتر (سب آفيس) کي ’اُپ دفتر‘ به چئي سگهجي ٿو ۽ ڪنھن وڏيءَ بازار جي اندر موجود ٻئِي ننڍي بازار کي ’اُپ بازار‘، ڪنھن وڏي گهرَ يا حويليءَ جي ڪنھن ڀاڱي (جيڪو پاڻ ڌار حيثيت ۾ هڪ الڳ گهر جيڏو هجي) کي ’اُپ گهر‘ ۽ ڪنھن ڪتاب جي ڪنھن باب يا فصل جي ڪنھن ڀاڱي کي ’اُپ باب‘ يا ’اُپ فصل‘ به چئي سگهون ٿا. ايئن ئي ڪنھن ڪڙم، قبيلي يا ذات جي ڪنھن شاخ يا نُکَ کي ’اُپ ذات‘ به چئي سگهجي ٿو.

سنڌيءَ ۾ اڳياڙيءَ (Prefixes) طور رڳو لفظَ ئي نه، پر ڪٿي ڪٿي رڳو هڪ اکر جوڙڻ سان به نوان لفظ جڙن ٿا، جن جا اڻ ڳڻيا مثال اسان جي ٻوليءَ ۾ موجود آهن ۽ اسان عام جام اهي ٻولَ استعمال به ڪندا رھندا آهيون. مثال طور ’س‘ جو اکر به (ڪڏھن مٿس پيش ڏيڻ سان، ته ڪڏھن زبر ڏيڻ سان) سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اڳياڙيءَ طور عام جام استعمال ٿيندو آهي. مثال طور: ’سَڄڻُ‘، ’سُپت‘، ’سُپرين‘، ’سُڪار‘، ’سڀاڳُ‘، ’سُلڇڻو‘، ’سُريت‘، ’سَرهو‘، ’سُھاڳُ‘، ’سُڄاڻ‘ وغيره خوبيون بيان ڪندڙ لفظ آهن. جڏهن ته انھن جا مخالف لفظَ يا ضدَ جوڙڻ لاءِ انھن ٻولن سان اڳياڙيءَ طور فقط ’ڪ‘ يا ’ن‘ (يا ڪٿي ڪٿي ’ڏ‘) جو هڪ اکر جوڙبو ته ان ئي لفظ جو ضدُ جُڙي پوندو. جيئن: ’سَڄڻُ‘ جو ضد ’ڪُڄڻُ‘ يا ’ڏُڄڻُ‘، ’سُپت‘ (سٺي پَت يا سُٺي خصلت) جو ضد ’ڪُپَت‘ (خراب پَتِ يا غيراطمينان بخش ڪارڪردگي)، ’سُپرين‘ (سٺو محبُوب) جو ضد ’ڪُپَرين‘ (ستائيندڙ محبُوب)، ’سُڪَر‘ يا ’سُڪار‘ (سٺو وقت / سٺو حال / خوشحاليءَ) جو ضد ’ڏُڪر‘ يا ’ڏُڪار‘، ’سڀاڳَ‘جو ضد ’نڀاڳُ‘، ’سُلڇڻو‘ (سٺين عادتن وارو) جو ضد ’ڪُلڇڻو‘ (خراب عادتن وارو)، ’سُريت‘ (سٺي ريت / سٺو قدر) جو ضد ’ڪُريت‘ (خراب ريت)، ’سَرهو‘ (راضي / خوش) جو ضد ’اَرهو‘ (ناخوش)، ’سُھاڳَ‘ (سُٺي قسمتَ) جو ضد ’ڏُھاڳَ‘ (خراب مقدر) ۽  ’سُڄاڻ‘ (سُٺي ڄاڻ واري) جو ضد ’ڪُڄاڻ‘ (ڪَسِي /  ناقص ڄاڻ وارو) ٿيندو. ’س‘ جي اڳياڙيءَ سان خوبيون بيان ڪندڙ لفظن ۾ ڀٽائيءَ جي مُک سورمي ’سسئيءَ‘ جو نالو به شامل آهي. جنھن کي ٽوڙڻ (سَ + سُئي) سان ان جي معنيٰ سمجهه ۾ ايندي. ’سَ‘ معنيٰ سُٺي، ’سُئي‘ معنيٰ: ’ٻُڌي وئي‘  (اها عورت، جنھن بابت سٺو ٻُڌو ويو هجي / نيڪ نام ناري / شريف عورت).

ان طرح سان سنڌيءَ ۾ ڪن لفظن جا ضدَ ٺاھڻ لاءِ ٻولن جي شروع ۾ اکر ’الف‘ جو اڳياڙيءَ (Prefixes) طور استعمال به ٿيندو آهي. جيئڻ: ’سُونھو‘ (جنھن کي رستو ڏٺل هجي / جيڪو گسَ کان واقف هجي) جو ضد ٺاھڻ لاءِ لفظ ’سُونھو‘ سان فقط اکر ’الف‘ جي اڳياڙي ڳنڍبي، ته اهو لفظ ٿي پوندو: ’اَسُونھو‘ (معنيٰ: جنھنکي رستو ڏٺل نه هجي / جيڪو دڳَ کان واقف نه هجي). جيئن ڀٽائيءَ چيو: ”مون ۾ تون موجود… آءٌ ’اواٽي‘ آهيان… آءٌ ’اسُونھي‘ آهيان…“ ان طرح سان ان ئي وائيءَ ۾ ڪتب آيل لفظ ’اواٽي‘ / ’اواٽو‘ به ’واٽي‘ (جنھن کي واٽ ڏٺل هجي) جو ضد آهي. ان طرح سان ’تَـڙُ‘، بندرگاھه يا سامونڊي جھازن جي لنگرانداز ٿيڻ واري اَڏي (Harbor) کي چئبو آهي، جنھن جو ضد ٿيندو ’اَوتڙ‘ (اهو، جيڪو بندر کان ڀٽڪيل هجي / سِير ۾ ڦاٿل هجي.) جيئن ڀٽائي سرڪار ئي ڪلياڻ ۾ فرمايو: ”تڏھن منجهان تن، اَوَتڙ ڪونه اوليو“ (معنيٰ: جن ايمان آندو، انھن مان ڪو به ايمان جي تَـڙَ / منزل تان ڪونه ڀٽڪيو ۽ گمراھيءَ جي ڪُنن ۾ ڪونه ڦاٿو.)

سنڌيءَ ۾ ’اَڻَ‘ جي اڳياڙيءَ کان هر ڪوئي واقف آهي، جنھن جي معنيٰ ’نا‘ (ناڪاري) آهي. اھا اڳياڙي، جنھن صفت يا فعل سان لڳندي، ان کي رد ڪندي ۽ ان ڪم جي نه ڪندڙ يا اھو هنر نه رکندڙ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندي. جيئن سنڌيءَ ۾ اڻ ڏٺل، اڻ ڄاتل، اَڻَ وڻندڙ، اڻھُوند، اڻپُورو، ، اَڻَ چاھيو، اَڻَ پَڪل، اڻ گَهڙيو، اَڻَ ڇُھيو، اَڻَ توريو، اَڻَ ڌُريو، اڻ مُلهو، اڻ مُندائتو وغيره جھڙا ڪئين لفظَ عام آهن. ان طرح سان ان اڳياڙيءَ سان ڪي ٻيا لفظَ به استعمال ڪري سگهجن ٿا. جيئن: ’اَڻَ واسيل‘ (جنھن ۾ خوشبو نه هجي)، ’اَڻَ  واڻيل‘ (جيڪو واڻيل نه هجي / بنا تاڃي پيٽي جي)، ’اَڻَ سويَل‘ (اهو اَنُ وغيره، جيڪو سويَل نه هجي ۽ منجهس اڃا گند موجود هجي)، ’اَڻَ ڍويَل‘ (جنھنجِي کڻت نه ٿي هجي)، ’اَڻَ ڪَٽيَل‘ (جيڪو ڪَٽيل نه هجي)، ’اَڻَ ٽاڪيل‘ (جيڪو ٽاڪيل نه هجي) وغيره

ان طرح سان ’ريءَ‘لفظَ جي معنيٰ به ساڳئي آهي (”ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿُوڻيين، تُون ڇَپر تُون ڇانوَ“ ــ ڀٽائي) ۽ اسان وٽ ’رِيءَ‘ اڳياڙيءَ سان به ريءَ ڪوٺيو، ريءَ ڪانڍيو، ريءَ گُهريو، ريءَ چاھيو جھڙا کوڙ لفظَ مروّج آهن. ’رِيءَ‘ لفظَ جِي بطور اڳياڙي استعمال سان ٻيا به ڪي لفظَ جوڙي سگهجن ٿا. جيئن: ’ريءَ ساريو‘، ’ريءَ ڄَڻيو‘، ’ريءَ سوچيو‘، ’ريءَ لوچيو‘ (جنھن خيال تي عمل نه ڪيو وڃي)، ’ريءَ گهوريو‘، ’ريءَ توريو‘، ’ريءَ پُوريو‘ (جنھن کي دفنايو نه وڃي)، ’ريءَ ٻَڌو‘ (اڻ ٻَڌلُ)، ’ريءَ ٻُڌو‘ / ’رِيءَ سُڻيو‘ (اڻ ٻُڌل)، ’ريءَ خرچيو‘، ’ريءَ ڄَڻيو‘، ’رِيءَ وَڻيو‘ وغيره جھڙا لفظ به ٻوليءَ ۾ واپرائي سگهجن ٿا.

فارسيءَ جو لفظ ’خوش‘ معنيٰ: ’خُوب‘ يا ’سُٺو‘ جنھن به ٻئي لفظ سان اڳياڙيءَ طور ڳنڍبو ته ان غير جانبدار لفظ جِي خوش خصلتيءَ کي ظاهر ڪندو، جيئن ’خُوشبو‘ (خوش + بوءِ)، ’خوش خصلت‘، ’خوش سُخن‘، ’خوش نظر‘، ’خوش شڪل‘، ’خوش گمان‘، ’خوش گفتار‘، ’خوش مزاج‘، ’خوش گلُو‘، ’خوش خوراڪ‘ وغيره عام استعمال ٿيندڙ لفظ آهن. ان طرح سان ساڳئي اڳياڙي استعمال ڪري ڪي نوان لفظ به جوڙي سگهجن ٿا، جيئن ’خوش انجام‘ (اهو ڪم، جنھن جي پڇاڙي سٺي هجي)، ’خوش خوان‘ (سٺو پڙھندڙ) ، ’خوش خور‘ (سٺو کائيندڙ)، ’خوش نوش‘ (سٺو پيئندڙ)، ’خوش زمان‘ (سٺو وقت گذاريندڙ)، ’خوش ديار‘ (سُٺي پاڙ ي ۾ رهندڙ)، ’خوش عڪاس‘ (سٺي عڪسبندي ڪندڙ / سٺي فوٽوگرافي يا ويڊيوگرافي ڪندڙ) وغيره نون لفظن طور استعمال ڪري سگهجن ٿا.

فارسي لفظَ ’پُر‘ جي معنيٰ آهي: ’ڀريل‘ يا ’ڀرپُور‘.’پُر‘ لفظ جي اڳياڙي استعمال ڪندي اسان ڪيترائي لفظَ پنھنجي عام گفتگوءَ ۾ استعمال ڪندا رھندا آهيون. مثال طور: ’پُروقار‘، ’پُرمسرّت‘، ’پُر فضا‘، ’پُر خمار‘، ’پُر مَلال‘، ’پُر بَھار‘،’پُرمغز‘، ’پُر تپاڪ‘ (گرمجوشيءَ سان ڀريل)، ’پُر شڪوھه‘ (دٻدٻي سان ڀريل يا دٻدٻي وارو) وغيره. ان ئي اڳياڙيءَ سان ڪي ٻيا لفظ به جوڙي سگهجن ٿا. جيئن: ’پُر شرم‘ (حياءَ سان ڀريل)، ’پُر حيات‘ (زندگيءَ سان ڀرپور)، ’پُر حسرت‘ (حسرتَ ڀريو)، ’پُر خوف‘ (ڊپَ سان ڀريل)، ’پُرتڪريم‘ (انتھائي عزت وارو)، ’پُر تحريم‘ (وڏيءَ حرمت ۽ پاڪيزگيءَ وارو/ واري) وغيره

هي ته ڪجهه مثالَ هئا. مٿي ڏنل اڳياڙيُن ۽ گذريل هفتي واري ڪالم ۾ ذڪر ڪيل پڇاڙين جي مثالن مان هر اڳياڙيءَ ۽ پڇاڙيءَ سان اڻ ڳڻيا ٻيا لفظَ به جوڙي سگهجن ٿا ۽ اڳياڙيُن ۽ پڇاڙيُن جي مڪمل لغت به ترتيب ڏئي سگهجي ٿي. انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾ ته سابقن ۽ لاحقن جُون اهڙيُون لغتون موجود آهن. البته سنڌيءَ ۾ اڳياڙيُن ۽ پڇاڙيُن جي اهڙي ڪا لُغت گهٽ ۾ گهٽ منھنجِي نظر مان ناھي گذرِي. سنڌيءَ ۾ اھڙي لغت يا ڪوش جي ترتيب، تحقيق ۽ اشاعت جي سخت ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.