ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين جي حڪومت چيو آهي ته هن ايران تي حملن ۾ شامل آمريڪي جهازن لاءِ پنهنجون فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن.
هسپانوي بچاءَ واري وزير مارگريتا روبلز صحافين کي ٻڌايو ته حڪومت جنگ سان لاڳاپيل ڪنهن به ڪارروائي لاءِ نه فوجي اڏن جي استعمال جي اجازت ڏني آهي ۽ نه ئي فضائي حدن جي استعمال جي.
واضح رهي ته فوجي اڏن جي استعمال تي پابندي جو اعلان مارچ جي شروعات ۾ ئي ڪيو ويو هو، جنهن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سخت ردعمل ڏيندي اسپين خلاف واپاري قدمن جي ڌمڪي ڏني هئي.
اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملي کي غير ذميوا
You might also like