پي ايس ايل: شاهين آفريدي جي ڪمري تائين ”اڻڄاتل“ ماڻهن جي پهچ، پوليس جي خط بعد سڪندر رضا به خاموشي ٽوڙي ڇڏي
لاهور (ويب ڊيسڪ) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندڙ آل رائونڊر سڪندر رضا پنجاب پوليس جي خط کانپوءِ شاهين شاهه آفريدي کي بيگناهه قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن خط ۾ ٻنهي تي الزام لڳايو ويو هو ته هو بنا اجازت مهمانن کي زبردستي رضا جي ڪمري تائين وٺي ويو.
سڪندر رضا چيو ته هو پنهنجن ويجهن دوستن سان ملڻ چاهي پيو، جن سان سندس 19 سالن کان لاڳاپو آهي، جڏهن ته شاهين رڳو سندس مدد ڪري رهيو هو. رضا پوليس جي بيان جي بار بار ترديد ڪئي.
هن چيو ته شاهين ڪنهن تي به زور نه ڏنو، منهنجا دوست ۽ ڪٽنب آيل هو ۽ منهنجي درخواست تي شاهين کين منهنجي ڪمري تائين وٺي آيو.
هن چيو ته جيڪڏهن ايس او پيز هئي ته مهمانن کي ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت نه آهي ته مون کي ان بابت ڄاڻ نه هئي ۽ ڪنهن حد تائين شاهين کي به خبر نه هئي.
آل رائونڊر چيو ته ان معاملي ۾ قصوروار مان آهيان، شاهين نه. هو منهنجي چوڻ تي هيٺ ويو ڇو ته هو منهنجا ويجها مائٽ ۽ دوست هئا، مان ساڻن بزنس سينٽر ۾ ملڻ نه پيو چاهيان، اسان اٽڪل 40 منٽن تائين ڪمري ۾ گڏ هئاسين.
واضح رهي ته آچر ڏينهن پوليس جو خط سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿيو، جنهن ۾ لاهور قلندرز تي سيڪيورٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو ويو.
خط موجب پي سي بي سيڪيورٽي ۽ اينٽي ڪرپشن مئنيجر سميت سلمان نصير طرفان اجازت نه ڏيڻ باوجود شاهين آفريدي ۽ سڪندر رضا اڻڄاتل ماڻهن کي ڪمري تائين وٺي ويا.
سڪندر رضا موجب هو 40 منٽ ڪمري ۾ رهيا، پر خط ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هو لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن تائين ڪمري ۾ موجود رهيا.
ٻئي پاسي لاهور قلندرز جي ذريعن واقعي جي بنيادي تفصيلن جي تصديق ڪئي، پر زبردستي داخل ٿيڻ واري الزام کي رد ڪيو.
سڪندر رضا چيو ته ڪمري ۾ آيل ماڻهو سندس 19 ورهين کان دوست آهن، سندس گهرواري ۽ ٻار به ساڻس ملڻ ايندا آهن.
هن اهو به چيو ته منهنجو خاندان هتي پاڪستان ۾ رهي ٿو، مان پروفيشنل مصروفيتن سبب سڄو سال انهن سان ناهيان ملي سگهندو، شاهين رڳو منهنجي درخواست تي ويو.
سندس چوڻ هو ته اسان پي سي بي جي ڪجهه ميمبرن کان درخواست ڪئي، پوءِ ڇا ٿيو اهو ڏسنداسين، پر اهو منهنجو فيصلو هو، شاهين جو نه ۽ مون کي خبر آهي ته هن ڪنهن کي زبردستي نه آندو ڇو ته مان پاڻ به لفٽ ۾ ساڻس گڏ هئس.
هوڏانهن لاهور قلندرز جي ميڊيا هيڊ عمر فاروق هڪ بيان ۾ چيو ته اسان ٻن رانديگرن سان لاڳاپيل هڪ واقعي کان واقف آهيون ۽ ان معاملي تي پي ايس ايل سان رابطي ۾ آهيون.
پوليس پنهنجي خط ۾ پي ايس ايل کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙي واقعي جي ٻيهر ورجاءُ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، جڏهن ته پي سي بي ۽ پي ايس ايل طرفان اڃا تائين ان معاملي تي آفيشل بيان جاري ناهي ڪيو ويو.