آءِ فون جي تاريخ جي سڀ کان وڏي تبديلي، ايپل پهريون ڀيرو ”ڪتاب“ وانگر کلندڙ فولڊ ايبل فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار!

ايپل طرفان آءِ فون ڊيزائن جي تاريخ جي وڏي تبديلي ڪئي پئي وڃي.
بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، هلندڙ سال معمولي اپ گريڊز بدران ايپل طرفان کوڙ نيون شيون متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
اِها تبديلي ايپل جي پهرين فولڊ ايبل آءِ فون جي صورت ۾ سامهون ايندي جيڪو ڪتاب جيان فولڊ ٿيندڙ ڊيزائن سان ليس هوندو.
ان کان اڳ ليڪس ۾ فولڊ ايبل آءِ فون جي ڪجهه فيچرز بابت اشارا مليا آهن جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي عام فون نه هوندو.
نئين رپورٽ موجب، فولڊ ايبل فون جو ڊيزائن ۽ ڪم ڪرڻ جو انداز روايتي آءِ فونز کان مڪمل طور مختلف هوندو.
رپورٽ موجب، هي نئون ماڊل آءِ فون واهپيدارن جو تجربو مڪمل طور بدلائي ڇڏيندو ۽ اِها هڪ نئين قسم جي ڊوائيس محسوس ٿيندي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته هن آءِ فون ۾ وڊيوز، گيمنگ ۽ ملٽي ٽاسڪنگ جو تجربو تمام بهترين هوندو.
مختلف رپورٽن موجب، ايپل هن فولڊ ايبل فون تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان کي سيپٽمبر 2026 ۾ متعارف ڪرايو ويندو.
آءِ فون فولڊ کي کولڻ تي 7.8 انچ ڊسپلي هوندي جڏهن ته بند ڪرڻ تي 5.5 انچ اسڪرين نظر ايندي.
فون ۾ اي 20 پرو چِپ ڏني ويندي جڏهن ته 5500 ايم اي ايڇ بيٽري جو امڪان آهي.
ان جي ڪئميرا ڊيزائن آءِ فون ايئر سان ملندڙ جلندڙ هوندي پر مڪمل بليڪ هوندو ۽ ان ۾ 2 ڪئميرائون، هڪ مائيڪروفون ۽ فليش شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب هي فولڊ ايبل آءِ فون ڏسڻ ۾ آءِ پيڊ پرو جهڙو لڳندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.