آسٽريليا طرفان ڪجهه مهينا اڳ 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي مڙهي وئي هئي.
ان کانپوءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اهڙيون تجويزون سامهون آيون هيون ۽ هاڻي هڪ يورپي ملڪ ۾ به اهڙو قدم کڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
آسٽريا طرفان ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا تائين پهچ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
آسٽرين حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ هڪ نئين بل جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو جون 2026 جي آخر تائين متعارف ڪرايو ويندو.
ان قانون تحت 14 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لڳائي ويندي.
بيان ۾ چيو ويو ته هن قانون جو مقصد آن لائين 14 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.
هن بل ۾ اسڪولن ۾ ميڊيا بابت آگاهي جو مضمون به متعارف ڪرائڻ جي شق شامل ڪئي ويندي ته جيئن ٻار آن لائين گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جي نشاندهي ڪري سگهن.
آسٽرين حڪومت موجب، هي قدم ان ڪري کنيا پيا وڃن ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا تي ٻارن کي توهين جوڳي رويي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جڏهن ته ذهني صحت جا مسئلا پڻ وڌي رهيا آهن.
ان کانسواءِ بيان ۾ وڌيڪ تفصيل نه ڄاڻايا ويا آهن ۽ اهو به واضح ناهي ڪيو ويو ته عمر جي تصديق لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويندو.
You might also like