لاهور (ويب ڊيسڪ) سهيل تنوير کي وهاب رياض جي جاءِ تي بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، هو 31 مارچ تي گليڊيئيٽرز جو اسڪواڊ جوائن ڪندو.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي مئنيجر اعظم خان چيو آهي ته سهيل تنوير جي موجودگي ٽيم جي بالرن لاءِ سکڻ جو سٺو موقعو هوندي.
ان کان اڳ ڪوئيٽا وهاب رياض کي بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو هو، جڏهن ته پي سي بي وومينز ٽيم سان واڳيل هئڻ بنياد تي سندس اين او سي رد ڪري ڇڏي هئي.
واضح رهي ته وهاب رياض سان گڏ ٽيم ڊائريڪٽر سرفراز احمد جي به اين او سي رد ڪئي وئي هئي، اين او سي رد ٿيڻ کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سرفراز ۽ وهاب کي اسڪواڊ مان رليز ڪري ڇڏيو آهي.