”آبناءِ هرمز کوليو نه ته تيل جي کوهن، بجلي گهرن ۽ يورينيم ذخيرن کي نشانو بڻائينداسين“ٽرمپ جو ايران کي الٽيميٽم

تهران/واشنگٽن/تل ابيب/بيروت(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي آبناءِ هرمز فوري طور کولڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته معاهدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايراني تيل جي کوهن، بجلي گهرن ۽ يورينيم ذخيرن کي نشانو بڻايو ويندو. ٻئي پاسي هرمز جي بندش سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي ۾ وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري قيمتون 200 ڊالر في بيرل تائين پهچڻ جا خدشا آهن، هوڏانهن لبنان ۾ حزب الله جي حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو آهي، جڏهن ته ايران پنهنجي نيول ڪمانڊر علي رضا تنگسيري جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ٽرمپ جي ايران کي نئين ڌمڪي، آبناءِ هرمز نه کولڻ تي سخت ڪارروائي جو چتاءُ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته هو آبناءِ هرمز فوري طور کولي نه ته آمريڪا ايراني تيل جي کوهن ۽ بجلي گهرن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.
ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”آمريڪا ايران ۾ هڪ نئين ۽ وڌيڪ مناسب نظام سان سنجيدا ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته جيئن آمريڪي فوجي ڪارروائين جو خاتمو آڻي سگهجي.“
سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ هن لکيو ته ”ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن جلد معاهدو نه ٿيو يا آبناءِ هرمز فوري طور نه کوليو ويو ته اسان ايران ۾ پنهنجي موجودگي ختم ڪندي انهن جي سمورن بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽن، تيل جي کوهن ۽ خارگ ٻيٽ کي تباهه ڪري ڇڏينداسين، ان سان گڏوگڏ پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽس کي به تباهه ڪيو ويندو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اهو قدم انهن سمورن آمريڪي فوجين ۽ شهرين جي موت جو پلاند هوندو، جن کي ايران 47 سالن جي دهشتگردي واري دور ۾ قتل ڪيو.

ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي ٽينڪ تي حزب الله جي حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو
اسرائيلي فوج موجب، ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي اينٽي ٽينڪ ميزائل حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو جڏهن ته هڪ آفيسر سخت زخمي ٿي پيو.
مارجي ويل فوجي جي سڃاڻپ 19 ورهين جي سارجنٽ ليران بين زيون طور ٿي آهي، جيڪو 401 آرمڊ بريگيڊ جي نائين بٽالين سان لاڳاپيل هو.
اسرائيلي فوج جي شروعاتي جاچ موجب هڪ اينٽي ٽينڪ ميزائل نائين بٽالين جي هڪ ٽينڪ تي لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ بين زيون مارجي ويو ۽ هڪ آفيسر زخمي ٿيو.
فوج موجب، ڪجهه ئي دير بعد وڌيڪ ٻه اينٽي ٽينڪ ميزائل به فائر ڪيا ويا، پر ان ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته حملي کانپوءِ علائقي ۾ حزب الله جي مزاحمت ڪندڙن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.
ياد رهي ته بين زيون حزب الله خلاف اسرائيلي فوج جي تازي ڪارروائين کانپوءِ مارجي ويندڙ ڇهون فوجي آهي.

ايران پاسدارانِ انقلاب جي نيول ڪمانڊر علي رضا تنگسيري جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايران پاسدارانِ انقلاب جي نيول ڪمانڊر علي رضا تنگسيري جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پاسدارانِ انقلاب موجب، علي رضا تنگسيري سخت زخمي هو، جڏهن ته اسرائيلي بچاءِ واري وزير دعويٰ ڪئي هئي ته 26 مارچ تي ايران جي اعليٰ آفيسرن کي نشانو بڻايو ويو.

ايراني ميزائل حملي ۾ اسرائيل جي شهر حيفا جي آئل ريفائنري ۾ باهه لڳي وئي
ايران جي ميزائل حملي کانپوءِ اسرائيل جي اترئين شهر حيفا ۾ موجود بازان آئل ريفائنري ۾ باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ کانپوءِ آئل ريفائنري مان ڪاري دونهين جا ڪڪر به اڀرندي ڏٺا ويا.

ايران۾ حملن جي رٿابندي جي الزام هيٺ 2 ڄڻ کي موت جي سزا
ايراني عدليا جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر سان لاڳاپيل هئڻ ۽ حملن جي منصوبابندي جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي، ٻئي ڄڻا پيپلز مجاهدين آرگنائيزيشن آف ايران سان واڳيل هئا، هو تهران ۾ مقامي تيار ڪيل لانچر ڊيوائيسز ذريعي هٿياربند حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.

ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ سبب توانائي بحران، فلپائن ۾ ٻارڻ جا اگهه ٻيڻا
ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ سبب مختلف ملڪن ۾ ٻارڻ جو بحران پيدا ٿيڻ لڳو آهي
عرب ميڊيا موجب، فلپائن ۾ 300 کان وڌيڪ پيٽرول پمپ بند ٿي چڪا آهن، جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ فلپائن ۾ ٻارڻ جون فيول ٻيڻيون کان وڌيڪ ٿي ويون آهن.

بيروت ۾جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون جاري آهن: اسرائيلي فوج
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته بيروت جي ڏاکڻي ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ ڪارروائيون جاري آهن، بيروت جي ڪجهه ڏاکڻن علائقن جي رهواسين کي نيڪالي جو حڪم ڏنو ويو آهي، ڄاڻايل علائقن ۾ حزب الله جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

ٽرمپ جو ايران مان يورينيم ڪڍڻ لاءِ فوجي آپريشن تي غور
وال اسٽرٽ جرنل موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران مان هڪ هزار پائونڊ يورينيم ڪڍڻ لاءِ فوجي آپريشن تي غور ڪري رهيو آهي.
رپورٽ موجب، اختيارين جو چوڻ آهي ته يورينيم ڪڍڻ هڪ ڏکيو ۽ خطرناڪ مشن آهي، جنهن سبب آمريڪي فورسز کي ڪيترائي ڏينهن ايران اندر رهڻو پوندو، صدر ٽرمپ ايران مان يورينيم ڪڍڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، پر اهو آپشن موجود آهي.
صدر ٽرمپ پنهنجي صلاحڪارن تي زور ڏنو آهي ته ايران تي دٻاءُ وڌو وڃي ته جنگ ختم ڪرڻ جي شرط طور يورينيم حوالي ڪري.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب، جيڪڏهن ايران ڳالهين ۾ يورينيم نه ڏئي ته ڊونلڊ ٽرمپ طاقت جو استعمال ڪري سگهي ٿو، يورينيم قبضي ۾ وٺڻ لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن جنگ جي ٽائم لائن کي گهڻو نه وڌائيندو.
وائيٽ هائوس موجب، پينٽاگون جو ڪم ڪمانڊر ان چيف لاءِ وڌيڪ آپشن تيار ڪرڻ آهي، وڌيڪ آپشن جو مطلب اهو ناهي ته صدر فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پينٽاگون ۽ سينٽ ڪام جي ترجمان هن خبر تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو.
ياد رهي ته آمريڪا اڳ به 1994 ۾ قازقستان ۽ 1998 ۾ جارجيا مان يورينيم ڪڍي چڪو آهي.

آءِ اي اي اي جي ايران جي خنداب جوهري پلانٽ تي حملي ۾ نقصان جي تصديق
بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) خنداب ۾ جوهري پلانٽ تي حملي ۾ نقصان جي تصديق ڪئي آهي.
آءِ اي اي اي چيو ته ايران 27 مارچ تي خنداب ۾ حملي جي اطلاع ڏنو هو، پلانٽ هاڻي غيرفعال آهي، خنداب تنصيب ۾ ڪو به اعلانيل جوهري مواد موجود ناهي.

ڪرپشن الزام: اسرائيلي صدر نيتن ياهو جي معافي جي درخواست تي وڌيڪ وضاحت طلب ڪري ورتي
اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ ڪرپشن الزامن تي وزيراعظم نيتن ياهو جي معافي جي درخواست انصاف واري وزارت ڏانهن واپس موڪلي ڇڏي آهي.
اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ درخواست تي فيصلي لاءِ وڌيڪ مواد طلب ڪري ورتو، صدر جي قانوني صلاحڪار پنهنجي بيان ۾ چيو ته جاري عدالتي ڪارروائي دوران معافي ڏيڻ جي اختيارن بابت اڳوڻن مثالن ۽ واڌو قانوني مواد جي ضرورت آهي، خاص طور تي اهڙن معاملن ۾ جتي سفارتي يا سيڪيورٽي نوعيت جا عنصر شامل هجن.
اختيارين موجبم هي قدم رڳو پيشيوراڻي جائزي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آهي ۽ ان مان ڪنهن حتمي فيصلي جو اشارو نٿو ملي.

عالمي تيل مارڪيٽ ۾ ٿرٿلو، اگهه 200 ڊالر في بيرل تائين پهچڻ جو خدشو
آبناءِ هرمز جي بندش کانپوءِ عالمي تيل جي سپلاءِ ۾ کوٽ اٽڪل 11.1 ملين بيرل روزانو آهي، جڏهن ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات متبادل رستن ذريعي 10.9 ملين بيرل روزانو جو بار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
عالمي تيل جي سراسري سپلاءِ جنوري ۽ فيبروري 2026 ۾ 106.9 ملين بيرل روزانو هئي، پر بندش سبب 18.4 ملين بيرل روزانو جي گهٽتائي آئي آهي.
بلوم برگ موجب، دنيا اڃا تائين صورتحال جي سنگيني کي مڪمل طور ناهي سمجهيو، آمريڪي سرڪاري عملدار ۽ وال اسٽرٽ جا تجزيي نگار هاڻي ان امڪان تي غور ڪري رهيا آهن ته تيل جا اگهه غيرمعمولي طور 200 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهن ٿا، جيڪو عالمي معيشت لاءِ سنگين خطرو آهي.
ڪيئي ماهرن 1970 واري ڏهاڪي جي تيل بحران جي ياد ڏياريندي چيو ته هرمز جي بندش هڪ وڏي عالمي بحران جو خطرو پيدا ڪري رهي آهي.
ماهرن موجب، ايشيا ۾ ٻارڻ جي کوٽ اولهه ڏانهن پکڙجڻ جو خدشو آهي ۽ يورپ کي ايندڙ هفتن ۾ ڊيزل جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.