اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان وزيرِاعظم محمد شهباز شريف اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، سيڪيورٽي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايون صدر ۾ ٿيل ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، گهرو وزير محسن نقوي ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ به شريڪ هئا.
اجلاس دوران قومي سلامتي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته خطي ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن ۽ ان جي پاڪستان تي پوندڙ امڪاني اثرن جو جائزو پڻ ورتو ويو.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ملڪ کي پيش معاشي، توانائي ۽ سيڪيورٽي چيلينجز تي صلاح مشورو ڪيو ۽ انهن سان نبرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو.
ملاقات ۾ قومي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ ادارتي سطح تي هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايون صدر ۾ اڄ هڪ اهم اجلاس پڻ متوقع آهي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ اهم وفاقي وزير شرڪت ڪندا.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ اعليٰ عسڪري قيادت ۽ چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن جي شرڪت به امڪان آهي، جڏهن ته وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ هنيئر تائين ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته نار وارن ملڪن تي حملن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال به بحث هيٺ ايندي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي چئن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس بابت آگاهي ڏيندو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود پيٽروليم ذخيرن ۽ ترسيل نظام جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته بچت پاليسي ۽ ان تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويندو.
شرڪت ڪندڙ سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ٻين هنگامي قدمن بابت بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته صوبن جي تجويزن تي به غور ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ڊرائيورن کي سبسڊي ڏيڻ بابت به اهم فيصلن جو امڪان آهي.