لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تڪراري ٽوئيٽ تي فاسٽ بالر نسيم شاهه تي 2 ڪروڙ رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي موجب نسيم شاهه تي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اهو ڏنڊ هنيو ويو آهي.
بورڊ 27 مارچ 2026 تي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن ۾ ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪندي وضاحت طلب ڪئي وئي هئي.
نسيم شاهه جو جواب ملڻ بعد 30 مارچ تي ٽه رڪني ڊسيپلينري ڪميٽي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ڪميٽي پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته غير مشروط معافي باوجود نسيم شاهه سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڪيترين ئي شقن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث رهيو آهي جنهن تي مٿس 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي.
پي سي بي موجب، نسيم شاهه پنهنجي سوشل ميڊيا صلاحڪار کي اڳ ئي برطرف ڪري چڪو آهي جڏهن ته بورڊ ان ايڊوائيزر کي بليڪ لسٽ ڪندو ته جيئن هو مستقبل ۾ ڪنهن به رانديگر سان ڪم نه ڪري سگهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته هو پروفيشنل معيار ۽ راند جي ساک برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي.
واضح رهي ته نسيم شاهه تصديق ڪئي هئي ته خميس ڏينهن سندس ايڪس اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو هو جنهن کي بعد ۾ بحال ڪيو ويو.
پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب دوران مريم نواز جي قذافي اسٽيڊيم آمد تي نسيم شاهه جي اڪائونٽ تان هڪ پوسٽ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ لکيل هو ته” هن سان راڻي وانگر ورتاءُ ڇو ڪيو پيو وڃي؟“
اها پوسٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ مبصرن خدشو ظاهر ڪيو هو ته اها ڳالهه نسيم شاهه لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي.