لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا سڪندر حيات چيو آهي ته صوبي ۾ سمورا تعليمي ادارا پهرين اپريل کان کوليا ويندا ۽ ادارا هفتي ۾ 5 ڏينهن کليل رهندا.
جاري ڪيل بيان ۾ راڻا سڪندر حيات چيو ته اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ معمول موجب 5 ڏينهن تدريسي سرگرميون جاري رهنديون، جڏهن ته ادارا 4 ڏينهن کولڻ وارو نوٽيفڪيشن جعلي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪلاسز فزيڪل ٿيندا، هائبرڊ نظام لاڳو نه ٿيندو، اسان آن لائين ڪلاسز ڏانهن نه پيا وڃون، شاگرد اسڪول اچي پڙهائي ڪن.